قسمت بدلائيندڙ منشور ۽ عمل جو سوال  

بئريسٽر حميد شاھاڻي

چونڊن جو وقت ڀريو پيو آھي،چونڊ مھم عروج تي پھتل آھي،مختلف سياسي ڌريون پنھنجو پنھنجو منشور آڻي چڪيون آھن، چونڊن ۾ مختلف نظرين ۽ خيالن جون پارٽيون حصو وٺي رهيون آهن. جيڪڏهن  پهرين ويهن پارٽين جي چونڊ منشور تي هڪ نظر وجهون ته دلچسپ نتيجا سامهون اچن ٿا.وڏي ڪاريگري سان لفاظي ڪئي وئي آھي، وڏا وڏا واعداآهن ۽ هر ڪنھن جي اھا دعويٰ آهي ته جيڪڏهن سندن پارٽي چونڊجي وئي ته پاڪستان جي عوام جا سمورا ڏک درد دور ٿي ويندا.

ڪي منشور عام ماڻهوءَ لاءِ پرڪشش آهن، انهن جي نبض تي آڱر رکي وئي آھي، پر اصل سوال ھي آهي ته ڇا اهي منشور پاڪستان جي زميني حقيقتن سان ٺھڪن ٿا۽ ڇا انھن منشورن ۾ مستقبل جو ڪو حقيقي نقشو پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪي خواب ڏيکاريا وڃن ٿا،انھن کي  پورو ڪرڻ جي لاءِ وسيلا موجود آھن،انهن منشورن ۾ جيڪي دعوائون ڪيون پيون وڃن، انھن کي سامھون رکندي تھ ڪئين ترقي يافته ملڪ به موجوده سرمائيداراڻي نظام ۾ رهي ڪري، پنهنجي عوام کي اهڙي مثالي زندگي ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن.

 ان سان گڏ ڪي اهڙا منشور پڻ آهن، جيڪي حقيقت پسنديءَ جو عڪس آهن. هنن سٽن ۾ اسان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نون، تحريڪ انصاف، عوامي نيشنل پارٽي ۽ جميعت علماءِ اسلام جهڙين پارٽين جي منشورن جو جائزو وٺنداسين ۽ ان سان گڏ ننڍين پارٽين جي منشورن جو به جائزو وٺنداسين.جيڪي چونڊن ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهنديون، پر هنن پنهنجي منشور تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، جنهن تي بحث ٿيڻ گهرجي ته جيئن عوام ۾ شعور بيدار ٿئي.

 جيڪڏهن الفابيٽ جي حساب سان ڏٺو وڃي ته عوامي ورڪرز پارٽي جو منشور پهريون نمبر تي اچي ٿو. هي منشور ڪافي تفصيلي آهي، پر عوام جي سهولت لاءِ ان کي ڏهن نقطن ۾ ورهايو ويو آهي.پهريون نقطو قبائلي ۽ جاگيردارڻي باقيات جو خاتمو ۽ بنيادي زرعي سڌارا آهن. قبائلي ۽ جاگيرداراڻي باقيات پاڪستان جي معاشي، سماجي ۽ سياسي پسماندگيءَ جا بنيادي سبب آهن. انھن کي ختم ٿيڻ کان سواءِ پاڪستان ۾ خوشحالي، ترقي ۽ سماجي انصاف جو تصور ناممڪن آهي.

 جاگيرداري ۽ قبائلي باقيات جي ڪري نھ رڳو هزارين هاري،زمين تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ آبادگارن نه رڳو استحصال جو شڪار آهن پر ان نظام جي اثر هيٺ سماج کي پسماندگيءَ تي مبني سوچ ۽ فڪر کي به مضبوط ڪيو وڃي ٿو.ان پراڻي سوچ جو اثر سياست تي پوي ٿو. جنھن ڪري ڦرلٽ جي معاشي پاليسين جي حمايت ڪئي وڃي ٿي.دولت جي اڻبرابري واري ورڇ ۽ آمراڻي سوچ مڙھي وڃي ٿي.هي پاڪستان جو نمبر ون مسئلو آهي ۽ ان کي منشور ۾ پهريون نقطو بڻائڻ ترقي پسند سوچ جو اظهار آهي.

 منشور جو ٻيو نقطو مرد، عورت برابر آهي. پاڪستان ۾ جنس جي بنياد تي امتيازي سلوڪ ۽ ڦرلٽ حقيقت آهي. ملڪ جي پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جنس جي بنياد جائز حقن ۽ موقعن کان محروم آهي. صنفي برابري کان سواءِ ترقي جو تصور نٿو ڪري سگهجي ۽ عورتن کي مڪمل ۽ برابري واري انسان طور مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ کان سواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن نھ آھي. ٽيون نقطو، مذهب جي بنياد تي امتيازي فرق جو خاتمو آهي.ملڪ ۾ مذهب جي نالي تي تعصب جو داستان پراڻو آهي. ان معاملي تي ملڪي ۽ غير ملڪي انساني حقن جي تنظيمن سميت پاڪستان جو باشعور ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهي ته مذهب جي نالي تي ڪيترن ئي ماڻهن ۽ فرقن سان تعصب ڪيو ويو آهي. ان بابت هزارين رپورٽون ۽ سوين ڪتاب ۽ دستاويز موجود آهن.

 ڪابه قوم هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي قوم جي سڀني فردن کي برابريءَ جو درجو ڏيڻ کان سواءِ تهذيب يافته ھئڻ جي دعويٰ نٿي ڪري سگهي.منشور جو چوٿون نقطو غير جانبدار ۽ سامراج مخالف پرڏيهي پاليسي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هڪ وڏو مسئلو آهي، پر ان تي گھٽ ئي بحث ٿئي ٿو. گذريل حڪومت جي دور ۾ پرڏيهي پاليسي بابت ڪيترائي بنيادي سوال سامهون آيا. عوامي جلسن ۾ دنيا جي وڏين طاقتن سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ جي به ڪوشش ڪئي وئي.

هڪ آزاد ۽ ان ڌري پاليسي، جنهن ۾ ڪو به ملڪ عالمي طاقتن جي وچ ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جو حصو نه بڻجي، هڪ آزاد ۽ خودمختيار پاليسيءَ تحت ئي ممڪن آهي. منشور جو پنجون نقطو ماحولياتي توازن ۽ پائيدار ترقي آهي. هن وقت ماحولياتي تباهي ۽ ان جا اثر پاڪستان جو هڪ سنگين مسئلو آهي، جنهن جي سنگينيءَ کي مڪمل طور تي محسوس نه ڪيو ويو آهي.سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماحولياتي آلودگي ۽ گندگي هڪ خوفناڪ مسئلو آهي.

 وڏن شهرن ۾ هاڻي ساھ کڻن بھ ڏکيو ٿي ويو آهي. ان مسئلي سبب ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن. پر هن وقت تائين حڪومت ان معاملي تي ڌيان نه ڏنو آهي. هن مسئلي کي منشور جي بنيادي اصولن ۾ شامل ڪرڻ هڪ اهم قدم آهي.ڇهون نقطو اختيارن جي هيٺين سطح تائين ورهاست ۽ منتقلي آهي. اختيارن کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ورهائڻ ڪيترين ئي حڪومتن جو نعرو رهيو آهي، پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اهو موضوع اڪثر غائب ٿي ويندو آهي.

  ڪامياب جمهوريتن ۽ سڌريل ملڪن ترقيءَ جي ان واٽ تي عمل ڪيو آهي، اقتدار کي ميونسپل ۽ ٽائون سطح تائين منتقل ڪيو آهي. ان ڪامياب تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي، منشور جو ستون  نقطو سڀني لاءِ مفت تعليم ۽ صحت آهي. صحت ۽ تعليم بنيادي انساني حق بڻجي ويا آهن. دنيا جي حڪومتن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته هو پنهنجي شهرين کي مفت تعليم ۽ مفت صحت جون سهولتون فراهم ڪن.

 پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت جي بنا ڪنهن فرق جي فراهمي رياست جو اولين فرض هجڻ گهرجي. منشور جو اٺون نقطو سمورن سياسي حقن جو تحفظ آهي. پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن سالن کان سياسي حقن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو مايوس ڪندڙ ڪندڙ آهي. هتي سياسي آزادي محدود ٿي رهي آهي. سياسي ڪارڪنن کي جيلن ۾ وڌو پيو وڃي. سياسي گڏجاڻين تي پابندي لڳائي وئي آهي، يا انهن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

انهن حالتن ۾ سياسي حقن کي منشور جو حصو بڻائڻ اڻٽر آهي. منشور جو نائون نقطو حقيقي وفاقيت ۽ گھڻ قومي سڃاڻپ آهي. پاڪستان ۾ هڪ طرف قوميتن جي حقن جو سوال شدت اختيار ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف 18هين ترميم جي باوجود مرڪز ۽ صوبن جي اختيارن جي واضح تعين لاءِ ڪيترن ئي قدمن جي ضرورت آهي. هن منشور جو ڏهون نقطو روزگار ۽ رهائش جي ضمانت آهي. روزگار ۽ رهائش سان گڏ کاڌ خوراڪ جو ذڪر ٿيڻ گهرجي ها، جيڪو شايد غلط طور تي رھجي ويو آھي.

دنيا جي اڪثر ڪامياب معاشرن ۾ انهن انساني ضرورتن کي رياست جي اولين ذميواري قرار ڏنو ويو آهي. اهڙيءَ طرح اهو هڪ انتهائي ترقي پسند منشور آهي، جيڪو جديد دنيا جي تقاضائن مطابق آهي. منشور لکندڙن کي ان سوال جو تفصيلي جواب ڏيڻ گهرجي ته اهڙي منشور تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيترا وسيلا گهربل آهن ۽ اهي وسيلا ڪيئن مختص ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.