ملڪ۾چونڊن جي موسم عروج تي آھي۔ پر پارٽين۽عوام جي سرد مھريءَ جي ڪري موجوده چونڊن۾اڳوڻين چونڊن وارو چھچٽو ڪونھي۔چونڊن ۾ باقي ڪجهه ڏينھن وڃي بچيا آھن۔پر اميدوار پنھنجن تڪن جو دورو مڪمل نه ڪري سگھيا آھن۔نامڪمل عوامي رابطن چونڊ عمل کي بي مزي ڪري ڇڏيوآھي۔گذريل چونڊن ۾ھڪ ترتيب ھوندي ھئي۔ جنھن۾چونڊ جماعتن جا ضلعي ۽ مقامي اڳواڻ جلساجلوس ڪري ريليون ڪڍي عوام کي چونڊن ۾حصي وٺڻ لاءِ مائل ڪندا ھئا۔ ديهھ يونين ڪائونسل ۽تعلقي سطح تي چونڊ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون۔ اميدوار ۽ ڪارڪن دردر وڃي ووٽرن سان ملندا ۽ گذارشون ڪري کين پنھنجي چونڊ منشورکان آگاھه ڪندا۔عوام پاڻ کي چونڊ ماحول لاءِ تيار ڪندا ھئا۔ جنھن لاءِ ھواڳواٽ اڳواڻن کان چونڊ سٽاءُ ۾ پنھنجو ۽ پنھنجي علائقي جو نالو شامل ڪرائي تاريخ وٺندا ھئا۔اڳواڻن جي مقبوليت جي ڪري ۽سندن مصروفيت جي ڪري جيڪڏھن ڪنھن ڪارڪن کي چونڊ پروگرام جووارونه ملندو ھيو ته ڪارڪن ڪاوڙجي پوندا ھئا۔
اھو ھو عوام جو دلي ۽ نظرياتي لڳاءُ پنھنجن جماعتن ۽ اڳواڻن سان۔عام ووٽر ۽ عام ماڻھوءَ وٽ اڳ يا اڄ به سياست معني ڏٽي بازي۔ جيڪا ڏٽي بازي ھاڻي سٽيبازيءَ ۾تبديل ٿي ويئي آھي۔ عوام جو سياستدانن جي سلوڪ ۽ ڪارڪردگيءَ کي ڏسي سياست ۽ چونڊ تان دل ئي کڄي ويئي آھي۔جيئن پنج سال سياستدان عوام کان پري رھيا آھن ۔موٽ ۾ھينئر عوام به سياستدانن کان لاتعلق لڳو پيو آھي۔ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ تي آماده ڪرڻ سياستدانن کي جيترو ھينئر مشڪل ٿي پيوآھي ۔ايتريون مشڪلون سندن لاءِ اڳي ڪونه ھيون۔
گذريل پنجن سالن ۾ سياستدان عوام کان ايترو ته لاتعلق بڻجي ويا جو ڪم ڪار ته پري جي ڳالھه آھي پر ماڻهن سان مليا به ڪونه، پنجن سالن جا اھي اھنج عوام جي ذھنن تي اڃان تازا آھن۔ھينئر چونڊ سرگرمي اھا وڃي بچي آھي ته ضلعي جا سڀ اميدوار گڏجي سموري ضلعي جي عوام کي ھڪ ھنڌ ڪٺو ڪري پنھنجي پارٽي سربراهه کان خطاب ڪرائي واندا ٿي وڃن ٿا۔اڳي ايئن نه ھوندو ھو۔گھٽ ۾گھٽ يونين ڪائونسل سطح تائين وڏا وڏا جلساعوام پاڻ ڪرائيندو ھو ۽ خرچ به پاڻ ڪندو ھو۔ جتي تعلقي ضلعي ۽ صوبائي سطح جا اڳواڻ شريڪ ٿي خطاب ڪندا ھئا۔ جماعتون پنھنجو منشور ظاھر ڪري عوام کي پاڻ ڏي مائل ڪنديون ھيون۔ ھينئر رڳو ٽيليويزن ۽ سماجي رابطن ذريعي چونڊ سرگرميون ڏسڻ ۾اچن ٿيون۔باقي چوراھا رستا باغيچا چونڊسرگرمين کان خالي نظر اچن ٿا۔اھڙين حالتن۾جيڪي چونڊون ٿينديون انھن کي ڪيتري عوامي اھميت ۽ حمايت حاصل ھوندي ان کان ھرڪو چڱيءَ ريت واقف آھي۔ عوام کي اڄ به اڳي واري ڳڀي جي ڳولا آھي۔جيڪوکين ڪنھن به سياستدان کان ملندي مشڪل ٿو نظر اچي ۔ھاڻي ھرڪوسياستدان ڪاروباري ٿي ويو آھي۔سياست کي ڪاروبار سمجھڻ وارا سياستڪار عوام جو جيترو خيال رکن ٿا۔اھو به ھرڪو ڄاڻي ٿو۔
گذريل پنجن سالن ۾سياستدانن جو سمورو وقت ھڪٻئي جي ڄنڊاپٽ الزام تراشي ڪيسن ۽ جوابي ڪيسن ۾گذاري ويٺا آھن۔ جنھن ڪري سندن سياسي سگهھ عوامي سطح تي ڏاڍي ڪمزور ٿي وئي آھي۔اڄ جي سياست دان جي منھن ۾مڻيا ئي ڪانھي جيڪا عوام کي ڏيکاري۔ ڏھاڪن کان غريب عوام بيماري بيروزگاري ۽ بدامني جي گھاڻي ۾سنھي سرنھن جيان پيڙجي رھيو آھي۔انھن ڏھاڪن ۾ملڪي عوام جي ترقي اھائي آھي ته امير اميرتر ۽ غريب غريب تر ٿي ويو آھي۔.
حڪومت ڪرڻ وارن کي عوام جي بد تر حالت تي ڪو رحم ئي ڪونه ٿواچي۔ھر اچڻ وارو حاڪم رڳو پنھنجو وقت ٽپائڻ ۾پورو آھي۔ ۔ھر سياستدان جلسي۽ڪچھريءَ ۾گلا۽غيبت جوگھانگھو پنھنجي ڳچيءَ ۾پايون ٿووتي۔عام ماڻھون ھاري مزدور جي ڳالھه ڪرڻ ۽ انھن جي ڀلائيءَ جا ويچارونڊڻ کان بنهھ نابري واريون بيٺا آھن۔ اڄڪلھه جا سياسي قبلا جيترا عوام کان ڏور آھن اوترا وري سياستدان عوام لاءِ اوپرا بڻجي ويا آھن۔عوام کي ته رڳو صحت تعليم۽ امن امان گھرجي۔ جيڪوبه سياستدان ڏئي نٿا سگھن۔جڏھن ته اھي ايترا سولا ۽ سستا ڪم آھن جو ملڪ جي بجيٽ انھن جي حل لاءِ ڪافي آھي۔پر انھيءَ لاءِ سچائي۽ ارادي جي پختگي لازمي آھي جيڪا سياستدانن وٽ آھي ئي ڪونه۔ ڏھاڪوسال اڳ۾ چند جماعتون ھونديون ھيون ته به ڳالهھ عوام جي ٿوري گھڻي ضرور ٿيندي ھئي۔ پر ھاڻي اليڪشن ڪميشن جي پڌرائيءَ موجب ڏيڍ سئو کان به وڌيڪ جماعتون آھن پر عوام جا مسئلا پوءِ به حل ٿيڻ بدران وڌي رھياآھن۔ اڄڪلهھ عوام آزار ۾۽ سياستدان وري ڪورٽن ۾آھن۔ فيصلي ڪرڻ وارا پورا نٿا پون ته انصاف ڇا ڪري؟ڇا ان۾به عوام جو ڏوهه آھي۔ جيتريون گھڻيون جاعتون آھن اوتريون ڪمزور حڪومتون جڙن ٿيون۔نتيجي ۾اقتداري ڌر اقتدار بچائڻ ۾پوري ھجي ٿي۔ ان لاءِ کيس ايوان جي ھرميمبرکي راضي رکڻو پوي ٿو ۔حڪومت مضبوط ٿي عوامي مسئلا تڏھن حل ڪندي جڏھن صوبن ۽ مرڪز ۾ھڪ ئي جماعت جي حڪومت ھوندي۔جيئن حڪومتي رٿائن ۽ حڪمن تي عمل به ٿي سگھي۔ ملڪ ۾ ھاڻي ڄڻ اھو رواج پئجي ويوآھي ته مرڪز ۾ھڪ جماعت ته صوبن ۾وري ٻين جماعتن جون حڪومتون ھجن ٿيون۔جيڪي پڻ ھڪئي وقت ھڪٻئي جا پير ڪڍڻ ۾پوريون ھجن ٿيون۔ظلم وري اھو به آھي ته ان سموري بيوسي واري عمل کي سياسي دانشور جمھوريت جوحسن چون ٿا۔باهه لڳي اھڙي حسن کي جيڪوعوام جو سر وڃائي۔روڊ مٽ يعني فلور ڪراسنگ واري قانون کان بچڻ لاءِ ھاڻي وري مضبوط اميدوار وري آزاد اميدوار جي حيثيت ۾چونڊ وڙھڻ کي ترجيح ڏين ٿا۔ڇوته کٽڻ کان پوءِ حڪومت ٺاھڻ واري جماعت ۾ شامل ٿيڻ ۾سندس ميمبريءَ کي ڪوخطروناھي ھوندو۔موجوده چونڊن ۾ته ٻن چئن جماعتن کان سواءِ ٻين جماعتن پنھنجو چونڊ منشور ئي عوام اڳيان پڌرونه ڪيو آھي ته ھوعوام کي ڇاڏيندا ؟
وس وارن ته اھوھلائڻ شروع ڪيوآھي ته مرڪز ۽ پنجاب جي حڪومتي ڏور ھڪ جماعت جي ھٿ وس سنڌ ۽ بلوچستان جو اقتدار وري ٻي جماعت کي بخش ڪيو ويندو ۽ ڪي پي ڪي وري ٽين جماعت کي عنايت ڪئي ويندي ۔انھيءَ جوڙجڪ۾پارٽين جو اتحاد ۽ آزاد ميمبرن جووڏو ڪردارھوندو۔صورتحال وري به ساڳي گذريل شڪل واري ھوندي۔باقي چھرا ۽ جماعتون تبديل ٿي سگھن ٿا۔ان صورتحال ۾وري به ساڳي انتقامي سياست ۽ عدم اعتماد جو ھرطريقي وارو رؤنشو ورجايو ويندو۔ان سڄي راند ۾عوام جا مسئلا عوام سميت ملڪ ۾پيا ٿڏبا۔اڄ ھڪڙا جيل ۾آھن۔سڀاڻي وري ٻيا اندرھوندا۔
ان صورت ۾گھرو ويڙهه واري صورتحال بدتر ٿي ويندي۔جنھن ڪري سياڻپ ۽ دانشمندي ان ڳالهھ ۾آھي ته ذاتي انا ۽ مفاد کان ھٽي ڪري عوامي مسئلن کي اوليت ڏيڻ واري چونڊ مھم ھلائي مفاھمت واري سياست کي اھميت ڏيئي اڳتي وڌايو وڃي۔ملڪ ۽ عوام ھوندو ته حڪومتون ۽ سياست به ھوندي۔ان لاءِ عوام۽ جماعتن جي شعور جي آزمائش آھي ته ھوش ۽ حوصلي کان ڪم وٺي پرامن چونڊون ڪرايون وڃن۔ايئن نه ٿئي جو چونڊ ميدان کان ڪو ٻيو ميدان نه جڙي وڃي۔