ايران-آمريڪا جنگ جا امڪان ۽ عالمي منظر نامو

نثار لغاري

هن وقت سموري دنيا ۾ مختلف خطن ۾ جنگ واري صورتحال آھي   عالمي گهرج تبديل ٿئي پئي عالمي توڙي مختلف خطن ۾ عالمي طاقتون  سرد ۽ گرم جنگ ۾ آھن  فلسطين ۾  فلسطينين مٿان اسرائيل جي ظلم خلاف حماس جو پوئين سال ڪيل حملو وڏو تاريخي واقعو هو جنهن سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو هن وقت به فلسطين ۾اسرائيل جا حملا جاري آھن 26 هزار جي ويجهو فلسطيني مارجي چڪا آھن جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آھي  هي بربريت روزانو جاري آھي هي ڪهرام اڳتي جنگ کي ڦھلائي رهيو آھي حوثي  گوريلا  ايران جون حامي ڌريون حزب الله آمريڪا تي اسرائيل تي حملا ڪري رهيا آھن  جنهن جي  هي جنگ ڦھلجي ٽين عالمي جنگ ۾ بدلجي سگهي ٿي

ايران ۽ حماس فلسطين جي حمايت ۾ روس چين ۽ انهن جا اتحادي آھن ٻئي طرف يورپ برطانيا آمريڪا اسرائيل جي سڌي حمايت ۾ آھن  انهي سبب هن وقت تائين آمريڪا جي فوجي اڏن تي حملا ٿي رهيا آھن  عربي سمنڊ ۾ به حوثي باغين جيڪي يمني آھن سامونڊي جهازن تي حملا ڪري ايراني نار کان عربي سمنڊ اردن تائين ٻيڙن جا گس بند ڪري آمريڪا ۽ ٻي دنيا جي وچ ۾ سعودي تيل جي رسد بند ڪري ڇڏي آھي هي اهم تبديلي آھي

هن صورتحال پاڪستان لاءِ  به خراب صورتحال پيدا ڪئي آھي هن وقت تائين اهو بظاهر غيرجانبدار چوي پيو پر  کيس روس چين اتحاد يا آمريڪي اتحاد جو حصو ٿيڻو پوندو جيڪو هن لاءِ  ڏکيو فيصلو هوندو  تازو اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي حملي ۾ آمريڪي فوجين جو مارجڻ  خطرناڪ صورتحال پيدا ڪئي آھي جنهن جو الزام ايران جي حامي گوريلا تنظيمن تي لڳايو ويو آھي آمريڪا چيو آھي ته پلاند ڪنداسين هن سموري خطي ۾ خراب صورتحال پيدا  ڪئي آھي

وائيٽ هائوس جي صلاحڪار جان ڪربيءَ هڪ پروگرام ۾ چيو ته آمريڪا اردن ۾ هڪ اڏي تي ٽن آمريڪي فوجين جي ڊرون حملي ۾ مارجي وڃڻ جو”انتھائي نتيجي وارو“ جواب ڏيڻ جي رٿابندي ڪري رھيو آھي. پر هن چيو ته آمريڪا ايران سان جنگ نه ٿو ڪرڻ گهري. اسان وچ اوڀر ۾ وسيع تڪرار نٿا چاهيون.

اهو بيان اھڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن  ان عزم جو اظھار ڪيو ته آمريڪا ايران جي حمايت يافته ويڙهاڪن پاران ڊرون حملي کانپوءِ پنهنجي فوجين جي حفاظت لاءِ  ”سمورا گهربل اُپاءَ“ وٺندو، جن ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.هي حملو آڪٽوبر ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي فوجين جي خلاف پهريون موتمار حملو هو ۽ اھو وچ اوڀر ۾ ھلندڙ تڪرار ۾ هڪ امڪاني وڏي واڌ ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

آسٽن پينٽاگان ۾ نيٽو سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ سان ملاقات کان اڳ چيو ته "آئون اردن ۾ ٽن بهادر آمريڪي فوجين جي جاني نقصان ۽ زخمي ٿيندڙن لاءِ  پنهنجي ڏک ۽ ڪاوڙ جي اظهارسان شروعات ڪرڻ چاهيان ٿو.” آسٽن وڌيڪ چيو ته ”صدر ۽ مان آمريڪي فوجن تي حملا برداشت نه ڪنداسين ۽ اسان آمريڪا ۽ پنهنجي فوجين جي حفاظت لاءِ  سمورا ضروري قدم کڻنداسين.”آمريڪا اھو طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اردن ۾ سندس اڏي تي موجود لڳ ڀڳ 350 فوجين تي ٻڌل اڏي، جن کي ’ٽاور 22 ’ جي نالي سان  سڏيو ويندو آهي، ڊرون کي روڪڻ ۾ ڇو ناڪام ويو.

صدر جو بائيڊن حملي لاءِ  ايراني حمايت يافته ويڙهاڪ گروپن کي ذميوار قرار ڏنو آهي. قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربيءَ سي اين اين کي ٻڌايو ته بائيڊن "جواب ڏيندو،” پر آمريڪي حملي جي گنجائش يا وقت جو ڪو فوري اشارو نه مليو آھي.صدر جو بائيڊن چيو ته آمريڪا اردن ۾ ان ڊرون حملي کانپوءِ جوابي ڪارروائي ڪندو جنهن ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا ھئا. حڪمران ڊيموڪريٽس ۽ اپوزيشن ريپبلڪن ٻنھي جوابي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

صدر پنهنجي پهرين ردعمل ۾ گذريل رات ٿيل حملي جو ذميوار ايران جي حمايت يافته مليشيا گروپن کي قرار ڏنو آھي. صدر جو بائيڊن، جيڪو  ڏکڻ ڪيرولينا وڃي رهيو هو، هڪ چرچ ۾ پھچڻ کان پوءِ ان واقعي تي  قوم کي ھڪ گهڙيءَ لاءِ  خاموشي اختيار ڪرڻ لاءِ  چيو ھو.

ھن چيو ته  وچ اوڀر ۾ آمريڪا لاءِ  مشڪل گهڙي هئي. "اسان کي ان جو ھر صورت ۾ جواب ڏيڻ گهرجي.”

اردن ۾ ٽاور 22 جي نالي سان سڃاتو ويندڙ اڏو، شام جي سرحد ڀرسان واقع آهي ۽ ان جو استعمال گهڻو ڪري اھڙا سپاهي ڪندا آھن  جيڪي اردن جي فوجن لاءِ  مشوري ۽ سھڪار واري مشن ۾ شامل ھوندا آهن.صدر جو بائيڊن ان حملي جي ردعمل ۾ ڏنل  بيان ۾  چيو ته آمريڪا "هن حملي جي ذميوارن کي جواب ڏيندو ۽ اسان ان جي وقت ۽ طريقي جو فيصلو پاڻ ڪنداسين.”

آمريڪي اخبار ’واشنگٽن پوسٽ’ موجب "عراق ۾ اسلامي مزاحمت” نالي ويڙھاڪ گروپن جي هڪ اتحاد، آچر واري حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، جنهن ۾ ’ڪتائب حزب الله’، ’نجابه’ ۽ ٻيا ايراني حمايت يافته ويڙهاڪ شامل آهن.گروپ جي ھڪ عھديدار ’واشنگٽن پوسٽ’ کي ٻڌايو "جيئن ته اسان اڳ ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا اسرائيل جي حمايت جاري رکندو، ته (جنگ) وڌندي. خطي ۾ سڀئي آمريڪي مفاد اسان لاءِ  جائز حدف آهن، ۽ اسان کي آمريڪا جي جوابي (ڪاررواين) وارين ڌمڪين جي پرواھ ڪانھي. اسان کي خبر آهي ته اسان ڪيڏانھن وڃي رهيا آهيون ۽ شهادت اسان جو انعام آهي.”

نيوز ايجنسي ايسوسي ايٽڊ پريس يورپ ۾ رهندڙ هڪ سرگرم ڪارڪن ۽ ديرالزور 24 ميڊيا چينل جي سربراھ عمر ابو لائلا جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته اوڀر شام ۾ ايران جي حمايت يافته ويڙهاڪن آمريڪا جي خوف سبب پنهنجا ٽڪاڻا خالي ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. غزا ۾ اسرائيل ۽ حماس جي ويڙهاڪن جي وچ ۾  لڳ ڀڳ چئن مهينن کان جاري جنگ دوران ڇنڇر جي رات واري حملي ۾ مارجي ويلن جي جاني نقصان بابت سمجهيو پيو وڃي ته اھوپهريون جاني نقصان آھي، جيتوڻيڪ آمريڪي سپاهي وچ اوڀر ۾ ڪيترائي ڀيرا اڳ فائرنگ جو نشانو بڻجي چڪا آهن.

هي جنگ ڦھلجي رهي آھي  هي هڪ وڏي جنگ ۾ بدلجي سگهي ٿي جيڪڏھن فلسطينين تي اسرائيل جي جارحيت بربريت جاري رهي  ته ڏکڻ ايشيا پاڪستان به انهي جنگ جا پهريان شڪار هوندا پاڪستان جي بيمار معيشت هن جنگ جي ڪري ويتر پوئتي ويندي جيڪا اڳ ۾ ئي خراب آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.