اختيارين پاران عوام لاءِ زحمت بڻايل برسات

شايد ئي ڪو بدذوق ھجي،جنھن کي برسات نھ وڻندي ھجي.پر اسان وٽ سمورو جوڙيل ڊانچو اھڙو آھي جو ان لاءِ سنڌ جي پھاڪي جيان ”مينھن وسي ٻھ پھر ڇنون ٽمي ڇھھ پھر“ جيان. ڪجھه گهڙين جو وسڪارو ئي سموري ڪارڪردگيءَ کي لوڙھي ويندو آھي،ان ڪري قدرت جي رحمت عوام لاءِ اختيارين جي پرڪارن جي ڪري زحمت بڻجي ويندي آھي.

بدقسمتي سان سنڌ توڙي ان جي ھر شھر جي اھا پوزيشن  آھي،جو ڪا بھ ايندڙ قدرتي آفت سموري اسٽرڪچر کي ڊاھي ڦٽائي ٿي ڇڏي.ڪجهھ عرصي کان موسمياتي ڦيرن جو توازن ڊھي ويو آھي،جنھن ڪري گرمين ۽ سردين جو معمول بھ متاثر ٿيو آھي.ھر سال موسمون معمول جي محور کان ھٽي ويون آھن،ان ڪري ڪنھن بھ برسات سان گڏ ماڻھن کي وري پنھنجا ڏک ۽ سور ياد اچي ٿا وڃن.

موسميات کاتي ڪجهھ ڏينھن کان تيز ۽ ھلڪين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي،جنھن موجب ڇنڇر ڏينھن شام جو سنڌ جي مختلف علائقن سان گڏ ڪراچي ۾ بھ صبح کان ئي برسات جو ماحول جڙيل ھو.وقفي وقفي سان برسات ھلندي رھي پر شام جو برسات شھر ۾ شروع ٿي، هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.رستن تي ھلندڙ گاڏيون پاڻي ۾ ڦاسي ويون،ٽريفڪ جو سست ٿيڻ ۽ رفتار ۾ رخنو پوڻ لازمي ڳالھھ آھي.جنھن سان عوام جو وقت ۽ پئسو زيان ٿئي ٿو.ان سان گڏ تڪليفن کي بھ منھن ڏيڻو پوي ٿو.

برسات ۾ بجلي نھ وڃي تھ اھا غيرمعمولي ڳالھه ھوندي آھي.شھر جي مختلف علائقن ۾ بجلي بند ٿيڻ ڪري عوام پريشاني کي منھن ڏنو.ڇنڇر شام سڀ کان وڌيڪ برسات پي اي ايف فيصل ۾ 75 ملي ميٽر، سرجاني ٽائون ۾ 63.8 ملي ميٽر ۽ ملير هالٽ ۾ 64 ملي ميٽر، اولڊ ايئرپورٽ ايريا ۾ 51 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.جڏهن ته سڀ کان گهٽ برسات ڪورنگي ۾ 23 ملي ميٽر وسي.

شهر ۾ برسات کانپوءِ نئيون ۽نالا وھڻ لڳا، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي ۾ اچي ويا، جنھن ۾ ڊفينس ڪورنگي روڊ تي پاڻي جمع ٿي ويو ۽ سڀني کان وڌيڪ ٽريفڪ جام ٿي.ٻئي پاسي  برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي.

عام چونڊن جي سلسلي ۾ ڪراچي جي اھم سياسي جماعتن ۾ اڳ ئي ڇڪتاڻ ۽ مقابلي واري صورتحال آھي، برسات بعد سياسي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان الزام مڙھڻ شروع ڪري ڏنا،شھر جي صورتحال بابت ھڪ ٻئي کي طعنا ڏيڻ لڳيون.

گھڻي وقت بعد ڪراچي جي ميئرشپ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ھٿ ۾ آھي، توقع ڪئي پئي وڃي تھ شھر جي اسٽرڪچر کي اھڙو بھتر ڪيو وڃي جو اھڙي ڪنھن برسات بعد عوام کي گھڻي تڪليف جو منھن ڏسڻو نھ پوي.

ڪراچي شھر جي ٻين المين سان گڏ اھو بھ ھڪ  الميو آھي تھ گذريل ٻن ٽن ڏھاڪن کان شھر جي ھر گھٽي، ھر ندي ۽ نالي تي قانوني ۽ غيرقانوني اڏاوتون ٿي ويون آھن،جنھن ڪري برسات جي پاڻي جا قدرتي لنگهھ بند ٿي ويا آھن،جنھن ڪري اھو پاڻي شھر جي روڊن ۽ رستن تان ٿيندو ۽ بند ٿيل لنگھن مٿان گذرڻ ۾ دير ڪري ٿو،ساڳئي طرح پھاڙين کان آيل پاڻي جي پراڻن نئين ۽برساتي نالن جي اندر پڻ والار ڪري انھن جي حدن کي گھڻو سوڙھو ڪيو ويو آھي،جنھن ڪري بھ پاڻي جو نيڪال سست ٿئي ٿو،مٿان وري اختيارين جو گھٽ ڌيان ھئڻ ڪري انھن جي صفائي تي بھ ڌيان نٿو ڏنو وڃي.

ھن وقت جي ڪراچي شھر ۾ جيڪو ڪجھھ ڪيو ويو آھي ان جو سڌو مطلب ھي آھي تھ اسان قدرت سان مقابلو ڪري رھيا آھيون، پر اھو ياد رکڻ گھرجي تھ جيڪڏھن سمنڊ جي ڪنارن تي والار ڪري، قدرتي تحفظ تمر جي ٻيلن کي ناس ڪري، پاڻي جي نڪرڻ جي آڳاٽن گذرڻ جي رستن کي بند ڪيو آھي تھ ان سان سمنڊ توڙي قدرت ان جو بدلو ضرور وٽندي.

ڪراچي سميت سنڌ جي لاڳاپيل اختيارين کي گذارش آھي تھ برسات جي پاڻي جي پراڻن رستن ۽ لنگھن تي ٿيل قبضا ختم ڪرايو، پاڻي جي نيڪال جو قدرتي رستو صاف ڪري ڏيو، جئين اھو پاڻي سمنڊ ۾ وھي ھليو وڃي.تعميرات، روڊن ۽ ٻين ترقياتي رٿائن ۾ قانون تي عمل ڪندي غيرفطري ھٿ چراند کان پاسو ڪيو وڃي تھ اھڙا مسئلا کڙا نھ ٿين،جنھن سان عوام کي ڀوڳڻو پوي.

عورتن کي 5 سيڪڙو سيٽون نه ملڻ تي شڪايت داخل 

ملڪ جي آباديءَ ۾ عورتن جو تعداد اڌ کان وڌيڪ ھئڻ باوجود  ملڪ جي چونڊن واري قانون موجب عورتن کي سياسي جماعتون عام سيٽن تي گھٽ ۾ گھٽ پنج سيڪڙو سيٽين تي بيھڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏيڻ جون پابند آھن،پر بدقسمتي سان ان قانون تي بھ ڪڏھن مڪمل عمل نھ ٿيو آھي. سال 2024 جي عام چونڊن جي لاءِ بھ ڪنھن بھ جماعت ان تي عمل نھ ڪيو آھي،جنھن خلاف عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظيم عورت فائونڊيشن شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آھي.عورت فائونڊيشن سياسي جماعتن پاران قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي گھٽ ۾ گھٽ 5 سيڪڙو ٽڪيٽون عورتن کي نه ڏيڻ  تي اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي آھي.جنھن ۾ اھڙين سياسي پارٽين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ عورت فائونڊيشن چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز، جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، جي يو آءِ ف ۽ بي اين پي، قومي اسيمبلي جي سيٽن تي عورتن کي 5 سيڪڙو ٽڪيٽون نه ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آھن، جيتوڻيڪ جمھوريت جون داعي جماعتون ۽ حلقا اھو قبول ڪن ٿا تھ عورتن جي نمائندگيءَ نھ ھئڻ ڪري ترقي ممڪن نھ آھي، پر حيرت آھي تھ ڪا بھ وڏي سياسي جماعت ملڪ جي قانون تحت عورتن جي لاءِ اٽي ۾ لوڻ برابر رکيل ڪوٽا تي پڻ عمل ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن.

اسان سمجھون ٿا تھ اليڪشن ڪميشن کي ان ڳالھھ تي لاڳاپيل جماعتن کي پابند ڪرڻ گھرجي تھ اھي گھٽ ۾ گھٽ قانون ۾ رکيل سيٽن تي عورت اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏين،گڏو گڏ سمورين سياسي جماعتن کي گھرجي تھ ايندڙ پارليامينٽ ۾ عورتن جي نمائندگيءَ وڌائڻ جي لاءِ بھ قانون جوڙين جئين عورتن جي نمائندگي کي وڌائي سگھجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.