سائين ڪنعيا لال گربخشاڻي جو ديھانت : ھڪ بابَ جي پڄاڻي

تحرير: منظور مارفاڻي

خبر ناهي ته سائين لال گربخشاڻي ديھانت ڪري ويو يا ڪري ڇڏيائين. ڇو ته ھن کي غلامي يا محتاجي کان سخت نفرت ھئي. پوڙھو ٿي ويو هو. مونکي يقين آهي ته سائين کي ڪنھن ھٿ کان وٺي ڪرسي تي ويھاريو ھوندو يا کٽ تي سمھاريو ھوندو ته ان وقت ضرور سوچيو ھوندائين ته ھن زندگي کان موت بھتر آ.

خودداري جا مثال ڏيندي ٻڌائيندو ھلان ته جڏهن لالو رانئُڪَ ۾ استاد ھُيو ته ھڪ ڏينھن ڊي سي اسڪول جي وِزِٽِ تي آيو، سائين پيرڊ وٺي رھيو ھو. ٻيا استاد ۽ عملو ڊي سي جي آڳا پيشِي ۾ ھئا. جڏھن ڊي سي سندس ڪلاس ۾ آيو ته ھن ان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ڊي سي جي نظر سندس قميص جي ھميشه جيان آڏو وارن ٻن کليل بٽڻن تي پئي، ته چيائينس،”قميص جا بٽڻ بند ڪَرِ.” ھن وراڻيو،”توهان اسڪول جي وِزِٽِ تي آيا آهيو. شاگردن کان سوالَ ڪيو. ھِي منھنجو ذاتي معاملو آ.” ڊي سي کان ھڪ ته سندس آڳاپيشي نه ڪرڻ وارو ۽ ٻيو ھن جو اھڙو جواب ھضم نه ٿيو. ڪاوڙجي سائين جي ٿَرِ بدلي ڪرائي ڇڏي.

سائين ٿَرِ ويو. انهي ئي جنون سان چئونري ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائين.

تنھن زماني سندس تعلق ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ان جي پارٽي سان رھيو. جنھن سبب کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جتي سندس جيل جو ساٿي مشھور اديب طارق اشرف پڻ رھيو. ڪيس ۾ سزا نه آيس، جنھن ڪري ماستري پيشي سان وري لاڳاپجي ويو.  پوءِ مختلف ھنڌن تي پڙھائڻ جا فرائض سر انجام ڏيندو وارھِ ھاءِ اسڪول ۾ پھتو. جتان ئي منهنجي ساڻس عليڪ سليڪ ٿي.

ان پيشي جو مانُ مرتبو ڄاڻندي ھن ماڻهو ڪڏهن به ڪلاس مِسِ نه ڪيو. ويل ڊريس، فل سوٽَ ۾ ملبوس. پھچندو به اسيمبلي کان اول ھُيو. اتفاقن ڪنھن سبب ليٽ ٿي ته، موڪلَ ڪري اسڪول کان نڪري ويندو ھو ۽ چوندو ھو،”وقت تي نه پھتو آھيان، انڪري اسڪول ۾ رھڻ جو ڪو حق نٿو پھچي.”

شهدادڪوٽ ھيڊ ماستر جي حيثيت ۾ بدلي ٿيس اعتبار خان چانڊيي جي ڳوٺِ. جتي منھنجو گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اُتي ھڪ ڀيري اسڪول ۾ ويوسانس ته ڇا ڏسان ته، ان جو چپو چپو گل و گلزار لڳو پيو هو. پوءِ جڏھن ڳوٺ ۾ حاجي علي حسن خان ھُسِڻاڻي، خدا ڏني خان ۽ پنھل خان چانڊيي سان ڪچھري ٿي، ته ٻڌايائون،”اسان خوشنصيب آھيون، جو لالَ جھڙو استاد اسان جي اسڪولِ آيو آ. پڙھائي جو ماحول ئي تبديل ڪري ڇڏيو اٿائين. ٻارَ به وڏي شوق سان اسڪول وڃن ٿا.”

جن ڏينھنِ ۾ لاڙڪاڻي جي بندر روڊ تي ٽانگه اسٽينڊ جي بلڪل سامھون ھڪ دڪان جي مٿان واحد بخش سومري جي ڪوٺي ۾ رھندو ھو، تڏهن وٽس وڃڻ ٿيو. بالٽي پاڻي جي ھيٺان مٿي ڀريون پيو وڃي. سندس پٺيان مٿي ويس، ڏٺم ته ھڪڙو صندل پيو آ، ٻه کٽون، جن تي رلھيون وڇايل ھئا ۽  مَٿَنِ وھاڻا پيل ھئا. چار ڪرسيون ۽ ھڪ ٽيبل به پيلَ ھُئي. بالٽي ڪمري جي فرش تي ھاريائين. پوءِ مونکي ويھاري بالٽيون ڀريندو، آڳر تي ھاريندو ويو. ان بعد ٽَبُ ڀريائين ۽ آڳر تي وِھنتو. اندر ٽيپ رڪارڊر تي پٺاڻي خان جو ڪلام پئي ھليو،”ميڏا عشق ڀي تون، ميڏا يار به تون… ميرا دين ڀي تون، ايمان به تون…” وھنجي، گوڏ ٻڌي اچي ڪانڀَ ڪڍي ويٺو. چيائين،”پنھنجي محبوب کي ڀيٽا جيڪا ھِنَ شاعر ڏني آهي، اھڙي ڀيٽا ڪنهن ٻئي ڏني ھجي، اُھا منھنجي اکين ۽ ڪَنَنِ وٽان گذري ناهي…”

سائين لالُ جي وارھِ ۾ ڪامريڊ حڪيم قاضي غفار سان ڀائپي ۽ سياسي وابستگي رھي ته ساڳي "عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رسول بخش پليجي صاحب سان گڏ راتِين جو ٻنين ۾ ليڪچر ٻڌائين به، ته ڏنائين به.

سائين لالُ سنڌي، انگريزي ۽ فارسي جو ماھرُ ھُيو ۽ عام مولوين کان گهڻي گهڻي وڌيڪ قرآن شريف جي به گَھِري ڄاڻ ھُيس.  مطالعي ۾ ڪارل مارڪس، مائو، لينن، شيڪسپيئر ۽ ھر موضوع جو ڪتاب شامل رھيس. ھر وقت ڪو نه ڪو ڪتاب پاسي ۾ پيل ڏسندو ھُيس. ھڪ ڀيري ويٺي ويٺي چيائين ته،”دنيا جا وڏي ۾ وڏا انقلابي ماڻهو جيڪڏهن ڀٽائي جو رسالو پڙھن ھا ۽ مارئي جي ڪردار ۽ ارادي جي مضبوطي کي ڀٽائي جي حوالي سان  ڄاڻن ھا، ته گِگَ وَھِي پَوينِ ھا…”

سياست ۾ مزو نه آيس، ته ڪِنارا ڪش ٿي ويو.

اسان جي وارھِ ۾ قاضي صاحب کان علاوه سائين غلام رسول کُھاوڙ صاحب، مِٺل ماڇي (مِٺُو ماڇي) سان ڀائپي ۽ ياري رھيس. جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالحليم ٻُگهيي کي پُٽ ڪري سَنڀاليائين.

ھو محبتي ماڻهو ھو. ذات پاتِ، رنگ نسل کان مٿانھين سوچَ رکندو هو. جنھن ڪري شھرَ جو ننڍو وڏو، فقير فُڪِرو، ھندو، مسلمان سڀ ھن جي ڪچھري لاءِ آتا ھوندا ھئا. تعظيم سان "سائين لالُ” ڪري ڪوٺيندا ھُيس.  چاھيندو ھو ته، ڪو نه ڪو چھچٽو ھُجي، پوءِ اُھو ڪوڏي ڪوڏي جي صورت ۾ ھُجي، والي بال جي صورت ۾ ھجي، يا مچ ڪچھري جي صورت ۾.  انهن جو ريفري به سائين لالُ ٿيندو ھو. وڏا وارَ، چاپُئين ڏاڙهي، وڏي ڇاتي، ڏورا ڪُنجِيَلَ، برجستو آواز، شيھن جھڙو چھرو.  شلوارَ جا وَرَ کڻي، سيٽي وڄائي چوندو ھو،”ڪَنڌِي ڪيو، رانديگر اچي ويا.” مجال آ ڪنھن ماڻهو جي، جو پَڙَ ۾ لَھي.  داد ڏيڻ جو به ڪوڏيو ھو. گهوٽڪي، اوٻاوِڙو، نواب شاهه ۽ پري پري کان ڪوڏي ڪوڏي، ملھه ۽ والي بال جا پِليئر گهرائيندو ھُيو. جنھن سان شھر کي وڏي تفريح فراهم ٿيندي هئي.

پنھنجو گهَرُٻارُ سڄي عمر نه رھيس. ڇو جو ھن ماڻهو جنھن سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، اُھا جڏھن ٿي نه سگهي ته فيصلو ڪري ڇڏيائين ته”مونکي زندگي ڇَڙو ٿي گُذارڻي آهي.”  چوندو هو ته،”امان چوندي ھئي ته، ڪنوار سھڻي ڏسي وٺجي. ان جي لڇڻن ۽ عقل جي خبر پوءِ پوندي، جڏهن گهَرِ ايندي. پر سونھن وارو پاسو ته مضبوط ھجي نه.”

شادي نه ٿيڻ جي ڪري ڪا به پنھنجي پرسنل جڳھَه وٺي نه رھيو. جنھن دوست وٽ دل چيس، ان وٽ رھيو.  پڇاڙي ۾ جڏهن قاضي غفار، غلام رسول کُھاوڙ ۽ ڊاڪٽر حليم وٽان رھائش ڇڏيائين، ته پوءِ شھداد ڪوٽ رھائش اختيار ڪيائين.

وارھ ڀرسان ڳوٺ انور آباد جي پاسي ۾ پٺاڻ بُلاڻي مارفاڻي وٽ سياري جا چار مھينا اچي رھندو ھو. جنھن کي زمين به وٺرايائين، ته ڪئنال ڪَڙَ تي انهي کان اوطاق ٺاھرائي وڻن ۽ ٻوٽن جو ذمو پاڻ تي کڻي بيھي رھيو.  ھن اوطاق ۾ آڳر تي سندس کٽ جي پيراندي کان ڏاڙھون جو وڻ ھوندو ھو، جنھن جي منع ڪيل ھوندي ھُيس ته، ان جو ڦَلُ ڪيرُ به نه پَٽي. ھنن کي بُربِلا کائيندا آهن، ويھو ۽ انهن کائڻ جو مزو ڏسو.

سائين جنھن وٽ به رهيو، پنھنجو کاڌائين. چوندو ھو ته،”ماني ڳالهائيندي آ، ته روحَ سان پَڪَلَ آهيان يا نه. ماني کي اڳ ۾ اکيون ڏسنديون ھِنِ، پوءِ نَڪَ کي خوشبوءِ ايندي آ ۽ ذائقو واتُ ڏَسيندو آ…”

ھن سِياري مونکي اندازو ھُيو، ته سائين لالُ ايندو. پٺاڻَ وٽِ يا غفار چولياڻي وٽِ. مچ ڪچھري تي ضرور ملاقات ٿيندي. سو انتظار ۾ رھيس.  25 ڊسمبر 2023ع جي ڏينھن فون ڪري چيائين،”دل چيو ته ٿڌي مَٽَ جھڙي يارَ جي خبر پڇان ته طبيعت ٺيڪ اٿس؟” مان سمجهي ويس ته، انور بلوچ جو ٿو پڇي. وراڻيم،”ٺيڪ آ.” چيائين،”ھا يارَ، ڳنڀير مُڙس آ. ملاقات ٿي، پر ڪچھري نه ڪري سَگهياسي.” ٻڌايومانس”انور صاحب نِيو ايئر جو پنھنجي زمين تي پروگرام رکيو آ، توھان کي اچي کڻي ويندس.”

چيائين،” ھا به نٿو ڪيانءِ، نَنھَن به نٿو ڪيانءِ.” پڇيومانس،”اڃان وارھ نه آيا آهيو ڇا؟”  ڏکاري لھجي ۾ چيائين،”نه، وارھ نه اچي سگهيس.”

۽ ھو واقعي وارھ نه آيو. اُمَ ڪان ھليو ويو ۽ ھاڻي وري ڪڏهن ڪنھن جي دَرَ تي ايندو به ڪو نه!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.