پارٽي ٽڪيٽن تي مٽياري ۾ پيپلز پارٽي اندروني اختلافن جي ور چڙهي وئي

تحرير: ضمير خاصخيلي

مٽياري ضلعي اندر پيپلزپارٽي پاران هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبليءَ جي تڪن جون ٽڪيٽون هڪ ڀيرو ٻيهر هالا جي مخدوم خاندان کي ڏيڻ کانپوءِ ضلعي اندر پيپلزپارٽي سخت اندروني اختلافن جي ور چڙهي وئي آهي، مٽياري ضلعي جي سياست هميشه کان ٻن سياسي خاندانن جي اثر هيٺ رهي آهي، جن ۾ هڪ هالا جو مخدوم خاندان جيڪو 1970 کان عملي سياست ڪندو پيو اچي، پنجاھ سالن دوران پيپلزپارٽي مٿان ڪيتريون ئي سختـيون اچڻ باوجود مخدوم خاندان جي فرد کي ڪڏهن به شڪست نه ملي سگهي آهي.

هن خاندان جي قيادت هميشه اڳوڻي سينيٽر سردار سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ ڪئي پاڻ کڻي جو ڪڏهن قومي يا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر نه رهيو پر حرن جي روحاني پيشوا مرحوم پير شاھ مردان شاهه پير صاحب پاڳاري سان ذاتي دوستي هجڻ ڪري رياست جي نمائنده ايوان سينيٽ جو ڪيترائي ڀيرا ميمبر بڻيو کيس مٽياري ضلعي جي سياست ۾ تمام گهڻي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو هن وقت سندس پڳدار پٽ سينيٽر محمد علي شاهه ڄاموٽ پڻ سينيٽر آهي سندس ڀاء سيد شفقت حسين شاه ڄاموٽ پڻ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۾ صلاحڪار رهي چڪو آهي مٽياري جو ڄاموٽ خاندان هميشه اينٽي پيپلزپارٽي طور مشهور رهيو آهي جنهن سبب هالا جا مخدوم ۽ مٽياري جا ڄاموٽ هميشه هڪٻئي جا سخت سياسي حريف رهندا آيا آهن پر 2018 واري عام چونڊن کان اڳ محمد علي شاهه ڄاموٽ پاران پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي وئي هئي جنهن بعد ٻئي سياسي خاندان عارضي طور هڪ ٿي ويا هئا پر اليڪشن 2024 ٻنهي سياسي حريفن کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻئي جي سامهون آڻي ڇڏيو آهي.

پيپلزپارٽي پاران هالا جي مخدومن کي ضلعي جي هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 216 توڙي ٻن صوبائي تڪن پي ايس 56 ۽ 57 تي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ خلاف مٽياري جي ڄاموٽ خاندان پاران شديد رد عمل سامهون آيو آهي ايندڙ اليڪشن لاءِ ڄاموٽ هائوس جي سربراهه سينيٽر محمد علي شاهه ڄاموٽ اين اي 216 توڙي مٽياري تعلقي واري صوبائي تڪ پي ايس 57 تان نامزدگي فارم جمع ڪرايو هو ۽ پارٽي کان پي ايس 57 تي ٽڪيٽ گهري هئي پر پارٽي پاران کيس اهميت نه ڏني وئي هڪ ڀيرو ٻيهر ضلعي جون ٽئي سيٽون مخدوم خاندان جي حوالي ڪري ڇڏيون جنهن کانپوءِ سينيٽر محمد علي شاهه ڄاموٽ پارٽي فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي ٻه ڏينهن اڳ ڄاموٽ هائوس شاهه عالم شاهه جي وسين تي پنهنجي حامين جو ڪٺ سڏائي صلاح مشورا ورتا هئا سندس حامين پاران کيس آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن تي ڄاموٽ کين خطاب ڪندي چيو ته آئون اوهان جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو هڪ ٻن ڏينهن اندر دوستن يارن سان مشورو ڪري حتمي اعلان ڪندس ٻئي طرف ڪالھ سندس سئوٽ ۽ پ پ ضلع صدر سيد علي حسين شاهه ڄاموٽ پارٽي فيصلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنهنجي عهدي تان مستعفي ٿي چڪو آهي هن جو چوڻ آهي ته پارٽي طرفان پي ايس 57 تي مخدوم فخر الزمان کي ٽڪيٽ ملڻ کانپوءِ پارٽي اڳواڻن، ورڪرز توڙي تعلقي جي عوام جي دل آزاري ٿي آهي آئون پارٽي ضلعي صدر جي حيثيت ۾ مخدوم خاندان کي ووٽ نه ٿو ڏياري سگهان ان کان بهتر آهي استعيفا ڏئي چپ ڪري گهر ويهي رهان .

گذريل پندرهن سالن کان هن تڪ تي هالا تعلقي سان تعلق رکندڙ مخدوم رفيق الزمان ۽ هاڻي سندس فرزند قابل قبول ناهي ٻئي طرف هالا جي مخدوم خاندان سان تعلق رکندڙ پارٽي ٽڪيٽ هولڊر مخدوم فخر الزمان ڪيترائي ڀيرا اهو چئي چڪو آهي ته آئون ڪو انڊيا يا بنگلاديش جو رهواسي ناهيان آئون به مٽياري ضلعي جو رهواسي آهيان پارٽي ٽڪيٽ منهنجو حق آهي هاڻي موجوده صورتحال ۾ پيپلزپارٽي کي ضلعي اندر ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو انديشو آهي جنهن جو سمورو فائدو جي ڊي اي توڙي ن ليگ کي پهچي سگهي ٿو.

ٻئي پاسي هميشه کان هڪٻئي جا سخت سياسي حريف رهندڙ هالا جو مخدوم خاندان ۽ مٽياري جو ڄاموٽ هائوس هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت سدائين پيپلزپارٽي سان گڏ رهندڙ مخدوم خاندان کي اهميت ڏيڻ واري فيصلي تي قائم ٿي رهي يا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري مٽياري تعلقي جي صوبائي تڪ پي ايس 57 جي ٽڪيٽ مٽياري جي ڄاموٽ خاندان کي ڏئي پارٽي کي ٽٽڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي بڻجي اهو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو پر موجوده صورتحال ۾ ضلعي جا ٻه وڏا سياسي حريف خاندان هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن جنهن سبب پيپلزپارٽي سخت مونجهاري جو شڪار بڻجي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.