مارڪيٽ گهمڻ سان اها خبر پوندي آهي ته شيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن ۽ ڏينهن جو تارا ٿا ڏسجن، جو هفتو اڳ جيڪي شيون هڪ اگهھ ۾ ملنديون هيون اهي وري ٻئي اگهھ ۾ ملنديون هونديون. ائين بلڪل به ناهي ته شيون وقت گذرڻ سان سستيون ٿي وينديون هونديون، يا ڪير به اهو پرسيپشن نه ڏيندو ته شين جا اگھه ڪري پيا آهن معني اگهن ۾ شيون هڪ جي ٻيڻ هجن ٿيون، مثال فريش يا کليل کير جي 2012 ۾ 80 ۾ هيو ته اهو وري 130 يا 150 ۾ ملڻ شروع ٿيو يا اهو ئي کير وري 250 تائين هوندو، يا هر علائقي ۾ پنهنجا پنهنجا اگھه هوندا. پر ڪٿي به ڪو به پرائيس ڪنٽرول ناهي ۽ نه هوندو. هر علائقي ۾، هر شهر ۾، هر ضلعي ۾ سڀني کي پنهنجو پنهنجو اگهھ مقرر آ، ڪير ڪڇي نه سگهندو، يا بارگين نه ٿا ڪري سگهن، ڪجھه به ٿئي شين انهي اگھه ۾ وٺڻيون پونديون جيڪي اهي دوڪاندار، حاجي، مولانا، زوار چوندا هوندا اهو صحيح هوندو، ڀلي اهي پيڪڊ شيون ڇو نه هجن، اهي انهن جي مٿان ايڪسپائري ڊيٽ مٽائي، انهن جي پيڪنگ چمڪائي، انهن جي مٿان ڊسڪائونٽ هڻي، ٻن سان گڏ هڪ فري، چئين سان هڪ مفت يا درجنن تي ڇوٽ ۽ وڏي رعايت ڏئي ماڻهن کي اهو ڪنو، خراب، آئوٽ ڊيٽيڊ مال کڻائي کپائي ويندا آهن.
اهو به واضح آهي ته 70 جي دور کان وٺي جڏهن نيئو لبرل اڪانامي جي شروعات ٿي هئي تڏهن ڪرنسين کي ڊالر کان ڇني الڳ ڪيو هين. جڏهن امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس جو سائنسون ايجاد ٿيون تڏهن انهن جي ڏيتي ليتي تي بين الاقوامي ڪرنسين ۽ واپار جا اثر پوڻ شروع ٿي ويا هيا ۽ جڏهن ڪرنسين جي قدر کي امپورٽس، ايڪسپورٽس ۽ جي ڊي پي ريٽ سان گڏايو ويو هيو، جيڪو هاڻي ڪنٽرول ٿيڻ ۽ تبديل ڪرڻ مشڪل آ. اسان وٽ امپورٽس ان ڪري به نه وڌنديون يا وڌي پئي سگهيون آهن جو اسان جون ٺاهيل شيون جڏهن اسان پاڻ ئي استعمال نه ٿا ڪيون ته پوءِ ڪير وٺندو. مثال اسان جي ٺاهيل موبائيل ڪير هلائيندو، اسان جي ٺاهيل ڪار ڪير هلائيندو، اسان جي ٺاهيل بس تي ڪير چڙهندو، اسان جي ريل گاڏي اسان جي ڪنهن ڪم جي ناهي، هوائي جهاز ٺاهڻ اسان جي وس جي ڳالھه ناهي، اسان جي شيون ٺاهيون به ته اسان جي شين جي معيار تي ڪير اعتبار ۽ اعتماد ڪندو ۽ اسان سان وري ڪير واپار ڪندو. وڏي مشينيري يا انجينيئرنگ ٽولز ۽ صنعتي ليول جون ازدها مشينون پنهنجي جاءِ تي، پر اسان ته مڃون ٿا ته اسان سڄي عمر بحري جهازن ٺاهڻ جي لائق نه ٿي سگهنداسين. اسان کان ته پنهنجا پي آءِ اي جا جهاز به ڪو نه ٿا هلن، جيڪي ٺاهيل ٻين ملڪن جا آهن پر مينٽين نه ٿا ڪري سگهون، وري اسان جي ٺاهيل اهڙي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ٻين ملڪن کي وڻي ٿي.
اسان جي افرادي قوت ٻين ملڪن کي وڻي ٿي، جنهن ۾ اهي ملڪ اسان کان پنهنجن ملڪن ۾ مزدوريون، ڪاريگريون ۽ ڊرائيوريون به ڪرائيندا رهن ٿا. انهن ملازمتن جي زمري ۾ اسان جا ماڻهو ٻاهرين ملڪن جي صنعتن ۾ هلڪا ڦلڪا ڪم به ڪندا رهن ٿا. سعوديءَ ۾ يا دبئي ۾ ڪو اوڊ جابس، اهڙو ڪو ڪم جيڪو انهن امير ملڪن کان نه ٿي سگهندو هجي، يا اهي ڄاڻي واڻي نه ڪندا هجن، يا شايد انهن وٽ اهڙو عملو نه به هجي اهي اسان کان ڪرائيندا آهن. ائين به چئون ته اسان جي انجنيئرنگ ۽ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري تي ڪير اعتبار ئي نه ٿو ڪري يا نه ڪندو هجي. اها ٻي ڳالھه آهي ته هتان جا ماڻهو جيڪي ٻين ملڪن ۾ پڙهن ٿا اهي به اتان واپس موٽي ٿا اچن، اتي انهن کان اهو ڪم به نه ٿي سگهندو هجي اسان جي شين تي اعتماد ڪرڻ جي آهي، يا اها ڪهڙي پاڪ ميڊ شيءِ آهي جنهن تي بين الاقوامي ملڪن جو ايمان هجي، اسان جي ڪاريگريءَ جي ڇاپ هجي، اسان جي شين جي ساخت، ساک ۽ اعتماد بحال هجي ته اسان جڏهن ٻاهرين ملڪن جي مارڪيٽن ۾ وڃون ته اتي اسان جي ملڪ جون شيون مارڪيٽ ۾ پيل هجن، جن ۾ اليڪٽرونڪ جون شيون هجن، ڪاريون، بسيون، ڪا ٽرڪ هجي يا ڪو ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ، ڪا موبائيل هجي، ڪنهن علم عقل جي ڳالهھ هجي، ڪا اهڙي شيءِ جنهن تي ”ميڊ ان پاڪستان“ لکيل هجي. پر هڪڙي ڳالهھ ضرور آهي ته ماڻهو جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ گهمڻ، سير تفريح يا ڪنهن بزنس بهاني يا ڪنهن ايجوڪيشن بهاني ويندو به هوندو ته اتي پاڪستاني (يا ايشيائي ملڪن جا ماڻهو جن ۾ بنگالي ۽ ڀارتي) ڊرائيور ۽ اوڊجابس ڪندي ضرور ملندا هوندا جن سان ڀارتي ٻوليون، هندي سنڌي ٻولي ڳالهائي ماڻهن کي سڪون، راحت ۽ پنهنجائپ ضرور محسوس ٿيندي هوندي، يا ٻي ڪا ٽيڪنيڪل يا ڪا انجنيئرنگ جي شيءِ نه هوندي.
عام واهپي جي شين جو پاڻ ۾ ايڏو ته ڳانڍاپو آ جو هڪڙي شيءِ جو اثر ٻي تي آهي ئي آهي، مثال طور کنڊ جا اگهھ وڌندا ته ان سان لاڳاپيل سڀ شيون به وڌنديون، وري جي کير وڌندو ته ان سان لاڳاپيل سڀ پروڊڪٽس به واڌ کائينديون، يا ٿلهي ليکي چئون ته ڪرائي ڀاڙي کان وٺي عام واهپي جي شين ۾ ممڪنا واڌ ايندي رهندي جنهن سان مهانگائي تي ڪنٽرول ممڪن نه هوندو يا وري آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ يا انهن جا شرط مڃڻ معني هر صورت بجلي، گيس ۽ پيٽرول جا اگهھ وڌائڻ، ٽيڪس نيٽ، ٽيڪس بيس، ويلٿ ٽيڪس، انڪم ٽيڪس ۽ يوٽلٽي جي بلن ۾ واڌ آڻڻ آ يا آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ معني عام شين کان وٺي، فيڪٽرين، فرمن، صنعتن ۽ ايستائين جو ملازمن جي پگهارن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ آ، يا بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ مهيني ۾ ٻه دفعا واڌ ڪرڻ به آهي ته جيئن ترن جو تيل ترن مان ڪڍي سگهجي، مثال جي آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺجي ته ٽيڪس نيٽ ايترو گهڻو نه هجي، يا آءِ ايم ايف جي شرطن کي نه مڃجي ته ٽيڪس بيس نه وڌائجي، انهن جي اگهن ۾ واڌ ڪبي ته اهي به مهانگائي ڪنديون رهنديون ۽ شين جي اگهن ۾ ضابطو آڻڻ مشڪل هوندو، ۽ اهي شيون ۽ اهو ٿيون سمجهائن ته ڊالر، پيٽرول ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن مڃڻ سان شين جي اگهن ۾ واڌ ايندي ۽ انهن جي وڌڻ سان ٽيڪس جي اگھن ۾ به اضافو ٿيندو رهندو سو حڪومت قيمتون ائين ئي وڌائيندي رهندي جيڪو ڪم کٽڻ جو ناهي.
آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺجي ته ٽيڪس نيٽ ايترو گهڻو نه هجي، يا آءِ ايم ايف جي شرطن کي نه مڃجي ته ٽيڪس بيس نه وڌائجي، انهن جي اگهن ۾ واڌ ڪبي ته اهي به مهانگائي ڪنديون رهنديون ۽ شين جي اگهن ۾ ضابطو آڻڻ مشڪل هوندو، ۽ اهي شيون ۽ اهو ٿيون سمجهائن ته ڊالر، پيٽرول ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن مڃڻ سان شين جي اگهن ۾ واڌ ايندي ۽ انهن جي وڌڻ سان ٽيڪس جي اگھن ۾ به اضافو ٿيندو رهندو سو حڪومت قيمتون ائين ئي وڌائيندي رهندي جيڪو ڪم کٽڻ جو ناهي.