چيف جسٽس عيسيٰ فائز جو لطيف کوسي جي ”سردار“ لکڻ تي اعتراض

تحرير: علي محمد ميمڻ

سپريم ڪورٽ  ۾ ان وقت هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي ويئي جڏهن،  تحريڪ انصاف کي چونڊن ۾ سهولت نه ملڻ جي شڪايت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي اءِ جي وڪيل لطيف کوسي طرفان پنهنجي نالي اڳيان ” سردار “ لکڻ تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان پي ٽي اءِ جي وڪيل لطيف کوسي  طرفان پيش ڪيل وڪالت نامي ۾ پنهنجو نالو” سردار”عبداللطيف کوسو ايڊووڪيٽ  “ لکڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، چيف جسٽس جو چوڻ هوته، 1976ع کانپوءِ سرداري نظام ختم ٿي چڪو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سرداري نظام جي خاتمي لاءِ  قانونسازي ڪئي هئي، پر هاڻي لطيف کوسي جا پٽ به سردار ٿي ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته، سردار، پير ۽ نواب جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، پاڪستاني آئين ۽ يا وري سرداري نظام تي عمل ڪيو وڃي.

چيف جسٽس جي رمارڪس تي پي ٽي اءِ وڪيل لطيف کوسي چيو ته اِهو اسٽينو نالي سان گڏ لکي ڇڏيو، اڳتي احتياط ڪندس.

چيف جسٽس جي چوڻ موجب ته، "”ملڪ ۾  1976ع کانپوءِ سرداري نظام ختم ٿي چڪو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سرداري نظام جي خاتمي لاءِ  قانونسازي ڪري ان جو خاتمو ڪري چڪي آهي”. يقينن وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو طرفان ملڪ جو نظام عوامي ۽ جمهوري بنائڻ لاءِ  تمام اهم ۽ قيمتي قانونسازي ضرور ڪئي ويئي ۽ ملڪ مان جاگيرداري جو خاتمو ڪري زرعي زمينن کي عام آبادگارن ۽ هارين ۾ ورهائڻ وارا پڻ قدم کنيا ويا ۽ ملڪ تان سرمائيدارن جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ ۽ رياست کي فلاحي مملڪت بنائڻ لاءِ  صنعتون ۽ ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ پڻ ورتا ويا هئا. پر ان بعد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي کي انهن سڌارن ۽ عوامي خدمت جي ڪمن جا جيڪي نتيجا ڀوڳڻا پيا آهن اهي پڻ اسان جي ملڪ جي تاريخ جا ڏکوئيندڙ باب آهن.

دنيا ۾ جديد علمن، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي  واري هن ايڪهين صدي واري دور ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو واپس قبائلي بنجڻ ۽ سردار، نواب يا وڏيرا ۽ وحشي بنجڻ يقينن عجيب ۽ کل واري ڳالهه آهي. اهڙي قسم جا واقعا رڳو پنجاب، خيرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ نه آهن پر اهڙا واقعا سنڌ  ۾ پڻ عام آهن. هن کان اڳ پڻ  پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزير اعلي ۽ گورنر ممتاز علي ڀٽو وارو مثال موجود آهي، جيڪو  وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو سئوٽ هو ۽انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري آيو پر سندس  سوچ تعليم يافتا ۽ جمهوري بنجي نه سگهي قائد عوام  ذوالفقار علي ڀٽو وانگر پاڻ کي اعلي پائي جو   سياستدان، مدبر ۽ اسڪالر بڻائي نه سگهيو ۽ نه صرف پنهنجي اصل سڃاڻپ پاڪستان پيپلز پارٽي ڇڏي وڃي مخالف بڻيو ۽ هن پنهنجي ڌار جماعت سنڌ نيشنل فرنٽ ٺاهي ۽ ان بعد عوامي سياستدان بڻجڻ بجاءِ هو پاڻ کي ڀٽو قبيلي جو سردار قرار ڏياري، سردار ممتاز علي خان ڀٽو بڻجي ويو. اهڙي ريت 2013ع واريون چونڊون هن پنهنجي سردار هئڻ جي حيثيت ۾ وڙهيون پر تر ۾ ڀٽن جي اڪثريت طرفان ووٽ نه ڏيڻ ڪري سردار ممتاز ڀٽو ۽ سندس پٽ کي پيپلز پارٽي جي عام اميداوارن هٿان شڪست ٿي ويئي. سردار ممتاز علي خان ڀٽو صاحب کي هن شڪست جو ايترو ته صدمو ٿيو جو هن راڄ کي پاڻ وٽ گهرائي سخت ڇوهه ڇنڊياپر پاڪستان پيپلز پارٽي کان پلاند ڪرڻ لاءِ  ان جي مخالف ڌرين جو هٿيار بڻجڻ پڻ قبول ڪيو ۽ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪري پنهنجي جماعت فرنٽ مسلم ليگ ن ۾ وڃي ضم ڪيو پرميان نواز شريف سندس قبائلي سوچ تي هلڻ کان معذرت ڪئي ۽ پيپلز پارٽي سان دشمني ڪرڻ کان معذرت ڪئي ته پاڻ پنهنجي قبيلي سميت اتان به نڪري آيو ۽ آخرڪار هن فاني دنيا مان به لاڏاڻو ڪري ويو.

ملڪ ۾ سردارن، نوابن ۽ وڏيرن خلاف عوام ۾ موجود ردعمل ۽ بيزاري  ڪا اتفاقي يا حادثاتي نه آهي پر انهيءَ جا تمام اونها بنياد ۽ گهرا سبب موجود آهن. اسين  پنهنجي صوبي سنڌ جي  صورتحال جو جائزو وٺون ته، سنڌ ۾ سردارن، نوابن ۽ جاگيردارن جو ڪردار ڌاڙيل جي پاٿاريدارن ۽ عوام لاءِ  تمام گهڻو ايذائيندڙ ۽ شرمناڪ آهي. قبائلي بنيادن تي سردار بڻيل طاقت وار ماڻهو سموري سنڌ جو ڪينسر بڻيل آهن. انهن جي اثر وارن علائقن ۾وڌندڙ ڏوهه ۽ خونريزين بعد انهن جو پاڻ سردار ۽ جج بڻجي ماڻهن کي يرغمال بنائڻ ۽ سزائون ڏيڻ ۽ ڏنڊ وجهڻ ۽ انهن مان پنهنجيون ڪميشنون ۽ حصا وصول ڪرڻ واري شرمناڪ عمل پڻ اڪثر منظرعام تي ايندا رهن ٿا. جنهن تي ڪيترائي ڀيرا سپريم ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن طرفان حڪم پڻ جاري ڪيا ويندا رهيا آهن پر سرزمين تي ان قسم جي ڏهڪاءِ وارين ڌرين جون پاڙون سياسي جماعتن، حڪومتن ۽ ڪامورا شاهي ۾ پکڙيل هئڻ ڪري ملڪ ۾ بنيادي نوعيت جا خاص سڌارا نه ٿي رهيا آهن.

ملڪ ۾ حڪومت سازي ڪندڙ وڏين سياسي جماعتن  پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نوازشريف،  تحريڪ انصاف ۽ انهن کان سواءِ  ملڪ جي ننڍين جماعتن ۾ پڻ  سردارن، نوابن ۽ وڏيرن جي وڏي تعداد موجود آهي جيڪي پاڻ لاءِ  اسيمبلين جون سيٽوڻ، وزارتوڻ ۽ حڪمراني حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ جا وڌ ۾ وڌ وسيلا ۽ نعمتون هٿ ڪرڻ انهن جا انتظام پنهنجي مرضي سان هلائڻ لاءِ  هر وقت حيلا هلائيندا ٿا رهن. سنڌ ۾ سردارن، نوابن ۽وڏيرن جو ڪردار عوام دشمن ۽ عوام مخالف ئي رهيو آهي. هو آمرن ۽ ڏاڍن جا اتحادي، تعليم، تعليمي ادارن، سماجي ترقي ۽ شهرين جي آزادين جا ويري ۾ ملڪ ۽ معاشري کي اونڌاهه ۾ ڌڪڻ لاءِ  زور آوري ڪندي نظر اچن ٿا.

جمهوريت جو سرشتو اسان جي ملڪ ۽  عوام لاءِ  ڪو انقلابي نظام ته ناهي پر ملڪ جي اڪثريت يعني عوام جي محدود فلاح بهبود ۽ ترقي لاءِ  رستا هموار ڪرڻ ۽ ملڪ کي عوام دوست بڻائي اڳتي وڌڻ جو نظام ضرور آهي. محترم بينظير ڀٽو شهيد جي چوڻ موجب ته، ”پاڪستان، جمهوريت واري رستي ئي ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ خوشحال ٿي سگهي ٿو“، معاشري ۾ موجود خرابين ۽ ناانصافين مان نجات لاءِ  پڻ محترمه شهيد جي چواڻي مشهور آهي ته”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي“ .

لطيف کوسي جو پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق تمام پراڻو رهيو آهي، هو ذوالفقار علي ڀٽو جي وقت کان وٺي پارٽي ۾شامل رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان کيس ملڪ جي وڏن عهدن تي آندو ويو ۽ کيس هڪ ڀيرو ته گورنر پنجاب پڻ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه مهينا اڳ تائين هو پيپلز لائرز فورم جو صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پاليسي ساز اداري سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو ميمبر پڻ هو پر هن جي طبيعت جي اندر موجود "سرداري”  ۽ کوسا قبيلي جو سردار بنجڻ جو شوق ايترو ته وڌي ويو جو هو ٻيا سمورا فرض  ۽ ذميواريوڻ وساري ويٺو.  هن لاهور هاءِ ڪورٽ بار  ۽ سپريم ڪورٽ بار ۾ پڻ کوسا وڪيل ڳولهي لڌا ۽ اتي کوسا گروپ قائم ڪري ورتائين  ۽ ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي هو پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جي پاڻمرادو ترجمان وارو محاذ سنڀالي ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ هن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي تنظيمي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪيترائي ڀيرا شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا پرانهن جو جواب ڏيڻ بدران هن طرفان بغاوت وارو رستو اختيار ڪيو ويو. اڳتي هلي کوسي صاحب پنهنجا پير نه روڪيا پرمخالف سمت ۾ پنهنجا پنڌ جاري رکيا. جنهن جي نتيجي ۾ پهرين کيس پيپلز لائرز فورم جي صدارت تان هٽايو ويو ۽ ان بعد پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي ميمبر شپ تان برطرف ڪيو ويو.اهڙي ريت هن ٻروچڪو ضد نه ڇڏيو ۽ آخرڪار پنهنجي پراڻي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾پنهنجا ساهه گهٽجڻ ڪري ان کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي پسند واري باغي ليڊر ڪپتان عمران خان جي رستي تي هلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ زوردار پريس ڪانفرنس ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو ، جتي کيس بنادير پي ٽي اءِ جو نائب صدر پڻ بڻائي ڇڏيو هو ۽ هن وقت هو ۽ سندس پٽ پي ٽي اءِ جا ٽڪيٽ طئي ڪرائڻ بعد چونڊن واري دنگل ۾ لٿل آهن.

مزيدار ڳالهه اها آهي ته، پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پڻ زرداري قبيلي جو سردار آهي ۽ سردار سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. اهڙي ريت،ملڪ ۾ موجود لاقانونيت ۽ سردارن جي زورآوري جي شڪار ڪاروباري برادرين، ننڍن زميندارن، آبادگارن ۽ امن پسند برادرين ۾ پڻ  پنهنجي حفاظت ۽ جياپي جي حوالي سان ڳڻتي ۽ عدم تحفظ جو احساس  تمام گهڻو وڌيل آهي. خاص طور تي سنڌي قوم جا قديم نسل ۽ برادريون جن ۾ ميمڻ، خواجا، شيخ، ڪڇي، سمان ۽ سومرا جيڪي  وڌيڪ سڌريل،پڙهيل لکيل  ۽ سماج سڌارڪ برادريون آهن انهن ۾ پڻ پنهنجيون سرداريوڻ قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. شامل ڪجهه وڏن زميندارن  پاڻ کي سردارسڏائڻ شروع ڪيوآهي. سنڌ جي شهرن ۾ ته ڪاٺياواڙي ۽ ڪڇي ميمڻن جو ڌار ڌار جماعتون ملڪ جي قائم ٿيڻ کان اڳ کان وٺي موجود آهن ۽ پنهنجي برادرين ۽ عام عوام لاءِ  فلاحي ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ميمڻن جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ هالاواري جي سرواڻي ۾ ۽ ڪاٺياواڙي ميمڻن جي اڳواڻ، ملڪ جي وڏي صنعتڪار سيٺ احمد دائود جي سربراهي ۾1980ع ۾ گڏجي يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت قائم ڪئي جيڪا هن وقت نه سماجي ڪمن ۾ گهڻو سرگرم آهي.  جڏهن ته، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موجود برادريون اتان جي حالتن کان تمام گهڻو پريشان آهن.

ڪجهه سال اڳ مٽياري جي  هڪ ميمڻ زميندار، پنهنجي سرداري جي ماتحت سنڌ ميمڻ اتحاد قائم ڪيو پر جيئن ته ميمڻن ۾ سرداري وارو نظام ۽ کاتو آهي ئي ڪونه تنهنڪري ميمڻ برادري ۾ ان عمل کي پڻ قبول نه ڪيو ويو ۽ سردار جي لاڏاڻي بعد ميمڻ برادري جي اڪثريت ٻين سردارن کان پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. هن سموري بحث مان نتيجو اهو ضرور ڪڍي سگهجي ٿو ته، جيستائين ملڪ جي عوام کي رياست، عدالت ۽ حڪومت طرفان تحفظ نه ٿو ڏنو وڃي تيستائين سماجي انتشار جاري رهندو. ملڪ جي جمهوريت پسند ڌرين کي گهرجي ته هو پنهنجي جماعتن مان سردارن، نوابن، وڏيرن ۽ ڏوهارين کي نيڪالي ڏين ۽ عوام لاءِ  خوشحالي، ترقي، امن ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ امن و سڪون قائم ڪيو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.