ڪونجن جي قافلي واري سانا جي اڄوڪي ڪانفرنس جي اهميت ۽ ضرورت

تحرير: حميده گهانگهرو

سنڌ ڄاوا، جڏهن سمنڊ پار سنڌ جي ڏکن، سورن خوشين، غمين، ميلن ملاکڙن، راڄ ڀاڳ کان پري رهندي، ترقي يافته ملڪن جي روشنين وارن خوبصورت شهرن کي ڏسندي پنهنجي آرام آسائشن جي سحر  ۾  ڦاسڻ بدران هميشه ڌرتيءَ سان جڙيل رشتن کي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڳوليندي هڪ ڳانڍاپو جوڙيو ته جيئن دنيا جي نقشي ۾ هزارين سال قديم سنڌ جي سڃاڻپ، تهذيب ۽ ثقافت کي نروار ڪندو رهجي. اهڙي سوچ رکندڙ اهي سنڌي پوءِ هو اهو عظيم شعر ڪيئن وساري ٿا سگهن ته

وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾

پسو پکيڙن ماڻهوءَ ميٺ گهڻو

ڪونجن جي قافلي واري سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ امريڪا (سانا) جي نالي آئين ۽ قانون جي منشور مطابق سنڌ جي بقا ۽ سنڌ جي مسئلن کي سڄي دنيا ۾ آواز بڻايو، وقت به وقت سنڌ ۾ سانا ڪانفرنس ڪوٺائي هتان جي عام خاص عوام سان حال اوريندارهن ٿا.

سانا جو تعليم ڏانهن لاڙو وڌائڻ لاءِ سنڌ جي نوجوان شاگردن ۽ خاص پيڪج اسڪالرشپ جي سهوليت ڏيڻ ساراهه جوڳو عمل آهي. سنڌ ۾ ٻوڏن جي ڏکي صورتحال هجي يا ڪي به قدرتي آفتون ان هميشه عوام سان پنهنجو ساٿ ڏنو آهي، مونکي ياد آهي سنڌ ۾ جڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ جو ڳنڀير مسئلو هئو ته سانا آمريڪا ۾ مظاهرا ڪيا جنهن مان اهو اتساهه مليو ته سنڌ جي ثقافتي رواتين مطابق ڌرتي ڌڻين کي ويڳاڻي ٿيڻ واري ڪيفيت کان بچايو، جڏهن ته اڄ به اهو مسئلو تمام ڳنڀير آهي. سنڌ ۾ مختلف پارٽين به احتجاج ڪيا آهن پر جيئن ته هميشه لالي پاپ جا آسرا ڏئي قوم کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي اهڙي ئي من گهڙت آسرا پاليسي تحت سنڌي قوم کي ريجهايو پيو وڃي.

جڏهن ته هن جديد دور ۾ قومي شعور کي ريجهائڻ وارا طريقا مرجهايل نظر ٿا اچن، انهيءَ ڪري قومون جڏهن مزاحمتي سجاڳي جو آواز اٿارينديون ته اهي ڌرتي ڌوڏڻ واري مزاحمت جا اثر قومن مٿان غلامي ۽ استحصال جا دروازا بند ڪرڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيندا آهن.

اڄ 7 جنوري واري تاريخ تي ڪراچي ءَ ۾ ضرور سانا جا اڳواڻ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ باهه جي ڀڙڪي جهڙي صورتحال تي ڳالهائيندا. نوجوانن جي بيروزگاري سبب خودڪشيون، نياڻين جي اغوا جون وارداتون، تعليمي ادارن ۾ نياڻين جا خودڪشي ڪيل لاش، پر امن ڌرتيءَ کي داغدار ڪرڻ جي سازشن تي ضرور آواز اٿاريندا. هتي ڄاڻي واڻي ڀاڻ جو مسئلو پيدا ڪري زراعت تباهه برباد ڪئي وڃي ٿي. ڄاڻي واڻي ڪي مسئلا پيدا ڪري ڏڪار جي صورتحال سان عوام کي منجهائي پريشان ڪيو وڃي ٿو.

چوڻي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به قوم کي تباهي۽ بربادي جي ڪنڌي تي وٺي وڃڻو هجي ته پهرين بکون فاقا ڏئي زراعت تباهه ڪيو. جي پوءِ به عوام احتجاج ڪري ته شعور کي ڪچلڻ لاءِ تعليم کي تباهه ڪيو، اڄ به ڪيترائي اسڪول تباهي جو ڏيک ڏين ٿا تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتون ناهن ننڍا ٻار گرميءَ ۾ لائٽ جي بحران سبب ڪلاسن ۾ ويهي پڙهي نٿا سگهن. ٻيو ته خير امتحانن دوران به ڪا اهڙي سهولت ناهي هوندي جنهن سان شاگرد ۽ شاگردياڻيون سڪون سان امتحان ڏئي سگهن ٽن ڪلاڪن جي وقت ۾ ٻارن جي سڄي سال جي محنت جو نچوڙ هوندو آهي. پر متعلقه انتظاميه ۽ حڪومت جي ذميوارن جون اکيون ٻوٽيل رهنديون آهن. اڄ تائين ڪيترن نياڻين جا لاش مليا آهن ۽ سرسري تحقيقات جي اک ٻوٽ کان پوءِ اهي سڀ واقعا سرد خاني ۾ هليا ٿا وڃن. ضرور سانا جا اڳواڻ انهيءَ سڄي صورتحال کي بند اکين سان نه ڏسندا بلڪ جتي سندن تعليم تي خاص ڌيان ڏيارڻ آهي ته انهن جي پيدا ڪيل مسئلن کي به حل ڪرائڻ لاءِ آواز اٿاريندا.

بلوچستان جي نياڻين پنهنجي پيارن لاءِ آخر مٿي تي ڪفن ٻڌي پوتيون لاهي جهنڊا ٺاهي حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن. هڪ اهڙي صوبي جي عورتن جتي عورتن جو دروازي کان ٻاهر نڪرڻ به معيوب سمجهيو ويندو هو. انهن تمام قبائلي ريتن رسمن کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو آهي. اتي سنڌ جي بهادر ۽ سڄاڻ عورتن پڻ شيخ اياز جي ميلي ۾ هر مڪتب فڪر جي دانشورن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، سياست دانن، سماجي اڳواڻن کي گهرائي اياز جي شاعريءَ جي ورقن ۾ ويڙهي سنڌ ۾ آواز اٿارڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.ڏسجي ته هن وقت سنڌي قوم سان ايڪتا جو بهترين طريقو اهوئي آهي ته امن، خوشحالي جي بلند آوازسان سڄي دنيا ۾ رهندڙن استحصالي قومن جو مقابلو ڪجي.

ڏسجي ته جيڪي به سنڌ مان ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويل آهن انهن معاشي مسئلن جي حل کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان ڳانڍاپو جوڙيو آهي.  ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو بنياد ڀلي سنڌ ۾ ئي پيو  پر ڊاڪٽر منور هاليپوٽو، ثريا مخدوم لنڊن جي خوبصورت ماحول ۾ به خاموش نه رهيا ۽ ڪيترن سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريو. سندس ڪڏهن به نه وسرڻ وارو عمل ثريا مخدوم 2010 جي ٻوڏ ۾ لنڊن کان پاڻي جي جهاز ۾ ڪيترين ٽرڪن جو سامان کڻائي سنڌ ۾ ٻوڏ وارن علائقن ۾ بغير ڪنهن بهتر سهولت جي پنهنجي مدد پاڻ ۽ واقفيت تحت سامان راشن خريد ڪري ٻوڏ متاثرن  ۾ ورهايو. جيئن ته مان ساڻس سڄي سفر ۾ گڏ هئس تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن حيراني به ٿئي پئي ته هتي اهڙا ڪم صرف انهيءَ وقت ٿيندا آهن جڏهن اليڪشن جو وقت هجي پوءِ غريبن جي پيٽ بکايل ٻارن جي انگ اگهاڙن جسمن کي ڏسي سٺي لفاظي ڪئي ويندي آهي يا وري ٻاهرين ملڪن کان امدد وٺي پارٽين جا اڳواڻ چوٿون حصو عوام ڏانهن موڪلي سٺا فوٽو سيشن وٺي ميڊيا ڪوريج وٺندا آهن، پوءِ ڀلي عوام ٻڏي مري يا ٻڏندڙ پاڻي ۾ پيون عورتن ٻار پيدا ڪن، انسانيت جي احساسن تي ڌنڌ ڇانيل رهندو. اهڙي صورتحال ۾ سوچيان پئي  ادي ثريا مخدوم کي ڪهڙيءَ کُٽيءَ کنيو آهي جو ٻئي جي بک ۽ اڃ تي، تڙپي رهي آهي. ته اها آهي سنڌ ڄاولن جي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي به پنهنجن لاءِ تڙپ رکي ٿي.

اهڙي طرح وري ڏسجي ته شاگرد سياست جي بنياد تي بيٺل امداد اوڍي، زندگيءَ جا ڪيترائي سال، جوانيءَ جي حسين خوابن کي نظر انداز ڪري جيلن جون صحبتون برداشت ڪرڻ تائين پنهنجي نظريي، سوچ، فڪر کي ماٺو نه ٿيڻ ڏنو. سندس شاگرد سياست ۾ شهيد نذير عباسي جو ساٿي هئڻ يقينن قابل فخر رهيو ۽ انهيءَ تسلسل کي پاڪستان ۾ مرجهائڻ نه ڏنو. ڪڏهن رسالو ته ڪڏهن اخبار ۾ آواز اجاگر ڪندو رهيو پر جڏهن لنڊن وڃڻ جوسوچيائين ته اتي به عياشي جي زندگي گهارڻ بدران سنڌ جا ڪکاوان جهوپڙا ڌرتي واسين سان ٿيندڙ استحصال ياد رهيس، ڪو وڏو ڪاروبار سوچڻ بدران لنڊن جي فضائن ۾ ريڊيو وائس آف سنڌ، جو بنياد رکي اڄ به سنڌ ۾ هر احتجاج ڳنڀير مسئلن تي رپورٽنگ کي اهميت ڏئي سڄي دنيا جي مسئلن کي ڄاڻ ڏئي سجاڳ ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿو.

سنڌي سنگت نالي يوڪي سنڌين جي ڪلچرل آرگنائزيشن به آهي جيڪا اڪثر ثقافتي پروگرامن کي ترجيح ڏئي سنڌ جي سڃاڻپ کي پوري دنيا ۾ مانائتو ڪري امن ۽ سڪ ڀري سنڌين جي سڃاڻپ کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنو آهي. وري اهڙيءَ طرح يو ڪي ۾ ئي سنڌ ڊاڪٽرس ايسوسيئشن آهي جيڪا ڪيترن ملڪن ما پرڏيهه آيل خاص ڪري سنڌ مان آيل سنڌي ڊاڪٽرس ايسوسئيشن جي هٿ سان هٿ ملائي ٻانهن ٻيلي جو ڪردار ادا ڪري ٿي.

انهيءَ سڄي پس منطر ۾ سانا تمام گهڻو سرگرم رهي ٿي. هميشه سنڌ ۾ اچي ميڙو مچائي هڪ ٻئي سان حال اوري ڄڻ ڪنهن وڏي برادريءَ جي محفل ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪري دنيا جي ٻين قومن، ٻولين، مذهبي تضادن کان هٽي ڌرتي جي گولي تي ٺهيل گلوبل وليج کي ٻڌائي ٿي ته سنڌ به پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ قوم آهي، جنهن هميشه ڪنهن به ٻاهران آيل ۽ سوين سالن کان رهندڙن سان پنهنجو انساني رشتو برقرار رکيو آهي.

اڄوڪي هن ڪانفرنس جو اهم سوال اهو ئي هئڻ گهرجي ته آخر سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جو ازالو ڪيئن ٿيندو سندن بنيادي حق زميني حقيقتن مطابق ملڻ گهرجن. قانوني، آئين، اخلاقي، سياسي، سماجي، اظهار جي آزادي مان ڦٽندڙ هي سنڌ جو آواز آهي. يقينن جيڪڏهن ايئن آهي ته ڪراچيءَ ۾ آڌرڀاءُ ڪرڻ سندن لاءِ اهميت رکي ٿو.

اڄوڪي هن ڪانفرنس جو اهم سوال اهو ئي هئڻ گهرجي ته آخر سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جو ازالو ڪيئن ٿيندو سندن بنيادي حق زميني حقيقتن مطابق ملڻ گهرجن. قانوني، آئين، اخلاقي، سياسي، سماجي، اظهار جي آزادي مان ڦٽندڙ هي سنڌ جو آواز آهي. يقينن جيڪڏهن ايئن آهي ته ڪراچيءَ ۾ آڌرڀاءُ ڪرڻ سندن لاءِ اهميت رکي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.