فلسطين جي ”مستقبل“ بابت اسرائيل جي“فورڪارنر“ رٿا ڇا آھي؟  

وچ اوڀر ۾ هلندڙ جنگ دوران عالمي قوتن جي ڪا بھ چرپر معمولي نھ آھي،پر 7 جنوري تي جڏھن آمريڪا جي دفاع وارو وزير انٿوني بلنڪن ھتي دوري تي پھچندو تھ ان ڏينھن جنگ کي ٽي مھينا مڪمل ٿي ويندا. ھي دورو ھڪ لحاظ سان اڳي کان وڌيڪ غيرمعمولي ٿي سگھي ٿو.جنگ شروع ٿيڻ بعد آمريڪي اڳواڻ جو ھي چوٿون دورو آھي پر ان دوران خطي ۾ خاصي باھ ٻري وئي آھي.ھن ڀيري آمريڪي اڳواڻ جي دوري وقت اسرائيل جي دفاع وارو وزير، يواو گيلينٽ غزا جي قسمت بابت اسرائيل جي جوڙيل ھڪ رٿا پيش ڪري رھيو آھي،جيڪا اڳ ۾ ميڊيا سامھون اچي وئي آھي.ان رٿا جو نالو ”فورڪارنر“رٿا رکيو ويو آھي.جنھن موجب جنگ جي خاتمي کانپوءِ غزا جي حڪمراني لاءِ هڪ خاڪو پيش ڪيو آهي.اسرائيل جي ان خاڪي موجب علائقي ۾ فلسطيني حڪمراني کي محدود ڪيو ويندو.جنگ کانپوءِ غزا جو انتظام حماس جي هٿ ۾ نه هوندو پر اسرائيلي انتظاميه هن علائقي سان لاڳاپيل سمورن معاملن جي نگراني ڪندي.آمريڪي اڳواڻ اھڙي نازڪ وقت تي اچي رھيو آهي جڏهن تازو ئي لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ حماس جي اڳواڻ صالح العوري جي قتل بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. اسرائيل کي  ان  قتل جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي پر اسرائيل واقعي ۾ ملوث هجڻ جي تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي

ان رٿا تحت اسرائيلي انتظاميه  خطي ۾ ٿيل تباهي کانپوءِ علائقي ۾ بحالي ۽ تعمير جي ذميواري کڻندي.“فورڪارنر“ جي رٿا جي دستاويزن مان پتو پوي ٿو تھ ان عمل ۾ پاڙيسري ملڪ مصر جو بھ ھڪ اڻچٽو ڪردار آھي.

رٿا ۾ ڪجھه تفصيل ۾ ڄاڻايل آھي ته غزا جا رهواسي فلسطيني آهن ان ڪري فلسطيني ادارن کي هلائڻ جي ذميواري انهن تي هوندي پر ساڳئي وقت اسرائيل طرفان اهو شرط به رکيو ويو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ان صورت ۾ ممڪن ٿيندو جڏهن اهي اسرائيل خلاف وڌيڪ ڪاررواين جي خاطري ڪرائيندا.

اسرائيل جي ڪابينا ۾ ان منصوبي تي تفصيل سان بحث ناھي ڪيو ويو ۽ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو عوامي طور تي ان تي تبصرو نه ڪيو آهي.

چيو ٿو وڃي تھ ڪابينا اجلاس ڪجھ تلخي سبب وقت کان اڳ ختم ٿي ويو. ڪجهه وزيرن حماس پاران 7 آڪٽوبر جي حملي جي جاچ لاءِ پيش ڪيل نالن تي مايوسي جو اظهار بھ ڪيو. غزا جي  ‘مستقبل’ بابت رٿا تي اسرائيل جي اندر اختلاف وڌي ويا آھن. جيتوڻيڪ اسرائيلي دفاع واري وزير يواو گلاينٽ جي تجويزن کي هن جي ڪابينا جي ڪجهه ساٿين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عملي سمجهي سگهجي ٿو،پر امڪان آھي تھ اھي فلسطيني اڳواڻ انھن کي رد ڪري ڇڏين.  جيڪي چون ٿا ته جنگ جي خاتمي بعد غزا  جي علائقي کي هلائڻ جو اختيار انھن جي ھٿ ۾ ھجي.

اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو ڪا وضاحت نه ڪئي آهي ته اسرائيل غزا تي ڪيئن حڪومت ڪندو ؟جڏهن ته ان جي ابتڙ اسرائيلي وزير اعظم طرفان اهو بيان ضرور سامهون آيو آهي ته غزا ۾ جنگ ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهي سگهي ٿي. جنهن جو مقصد غزا مان حماس کي مڪمل طور چٿڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.