بلوچستان جي تاريخ ۾ پھريون عورتون ھيون سين جيڪي جيل ويون: حميدهه گھانگھرو

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “زندان نامھ” جي عنوان ھيٺ ويھڪ ٿي، جنھن جي ماڊريٽر بختاور ڄام ھئي. ان موقعي تي شھيد نذير عباسي جي وني ۽ سياسي جدوجھدن ۾ جيل ڪاٽيندڙ حميدھه گھانگھرو چيو تھ شيخ اياز تاريخ جو اھڙو ڪردار آھي، جنھن کي ياد ڪندي اھو محسوس  ٿيندو تھ ھو ڪالھھ جو نھ پر اڄ جو شاعر آھي، شيخ اياز جي شاعري سياسي ڪارڪنن تي وڏو اثر ڇڏيو. ھن چيو تھ پھريون ڀيرو محرابپور جي لاءِ ڪاليج جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪندي جيل ۾ وئي ھوس، جيل ۾ اسان کي چيو ويو تھ معافي نامو لکي ڏيو تھ توھان کي آزاد ٿا ڪريون، پر اسان معافي نامو لکڻ بجاءِ پنھنجي مطالبي تي قائم رھياسين. ھن چيو تھ جيل جون حالتون ڏاڍيون تڪليف ڏيندڙ ھونديون آھن، ماني بھ کائڻ جھڙي نھ ھوندي ھئي. ھن چيو تھ پٽ فيڊر ۾ ھارين جي تحريڪ ھلڻ دوران ساٿياڻي آصفھ رضوي سان گڏ مچ جيل ۾ قيد ٿي ھوس، ان وقت اسان بلوچستان جي تاريخ ۾ پھريون عورتون ھيوسين جيڪي جيل ويون، ماڻھو حيران ھئا تھ ھي سنڌ مان اچي ڪري ھتي بلوچن جي لاءِ وڙھيون آھن، پٽ فيڊر جي جدوجھد جو اھو نتيجو نڪتو تھ سردارن کي سزائون مليون ۽ شھيد ٿيندڙ ماڻھن کي انصاف مليو، پر اڄ جڏھن آئون اسلام آباد ۾ ويٺل بلوچ نياڻين کي ڏسي اھو سمجھان ٿي تھ ھو تاريخ جو تسلسل آھن، ڪالھھ اسان عورتون ھيوسين، اڄ ھي بلوچ عورتون ڪيترين ئي سختين باوجود اتي ويٺيون آھن ۽ مقابلو ڪري رھيون آھن. ھن چيو تھ ٽيون ڀيرو مونکي منھنجي ساٿي ۽ رھبر ڪامريڊ ڄام ساقي کي گم ڪيو ويو ھو، جيل جون سختيون جھول پائي جھليون ھيون، جيل ۾ قيدين کي بليڪ ميل ڪيو ويندو آھي، پر ڪمزور ناھي ٿيڻو. ھن چيو تھ نذير عباسي سان شادي ٿي، ھو مونکي آخر تائين ويندي ويندي اھو حوصلو ڏئي ٿو وڃي تھ قرباني ڏيڻ ڪو وڏو مسئلو ناھي ھوندو، پر قربان ٿي وڃڻ تاريخ جي لاءِ ھڪ وڏو اتساھھ ھوندو آھي، جيڪڏھن مون تي اھو مرحلو اچي وڃي تھ تون مايوس نھ ٿجان. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو تھ ھن ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ ھر باغي يا اختلاف راءِ رکڻ واري جي لاءِ لازم ھو تھ ھو جيل ياترا ڪري، اسان جو جيل ۾ وڃڻ سياسي جدوجھد جو حصو ھو. ھن چيو تھ اسان پنھنجي سينيئر سياسي اڳواڻن کي ڏسون ٿا تھ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ ڄام ساقي، شيخ اياز، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ جيل ڏسي آيا، ھن چيو تھ آئون ذالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ھڪ ڀيرو 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿي جيل ويو ھوس، آئون 1981ع کان وٺي 1986ع تائين لاڳيتو جيل ۾ رھيس، 7 سال ڪوڙن سزا ملي ھئي. ھن چيو تھ جيل ۾ قيدي ٻين جي مرضيءَ جا محتاج ھوندا آھن، حيدرآباد جيل ۾ متاري ڏاھري جھڙو ساٿي مليو، ھن مونکي سياسي قيدي طور ھمت ڏياري. ھن چيو تھ شھيد نذير عباسي شھادت ماڻي، ڪامريڊ ڄام ساقي شاھي قلعي کي ھمت منھن ڏئي آيو. اڳوڻي سياسي ڪارڪن ايڊووڪيٽ سليمان ڏاھري چيو تھ ضياءَ الحق جو دور ھو ۽ شھيد نذير عباسي جي شھادت ٿي چڪي ھئي، شاگردن جي جدوجھد بھ ھلندڙ ھئي ۽ ان زماني ۾ اسان جيل وياسين، ان دور ۾ مارشلا خلاف سياسي تحريڪ عروج تي پھتل هئي، ھاءِ جيڪنگ جي ڪيس کانپوءِ اسان کي الڳ ڪيو ويو، پر ڄام ساقي اھو واحد قيدي ھو، جنھن کي اڪيلو رکيو ويو، ھن جي ٻين قيدين جي وارڊن ۾ اچڻ تي بندش ھئي، عبدالواحد آريسر وري الڳ وارڊ ۾ ھو جتي ھن کي ڪوڙا لڳندا ھئا، اھڙي طريقي سان جيل ۾ جيئي سنڌ، عوامي تحريڪ، پيپلزپارٽي ۽ کاٻي ڌر جا سياسي ماڻھو ھئا، ائين محسوس ٿيندو ھو تھ سڀ ھڪڙي خاندان ۽ ھڪ ئي پارٽي جا آھيون، جيل ھڪ آزمائش آھي، اسان جيل کي سکيا گھر ۽ يونيورسٽي سمجھيو، ان دور ۾ جيل ۾ سھولتون نھ ھيون، اسپيشل ملاقاتون بھ نھ ٿينديون ھيون، سنڌي ادب ۾ پھرين جيل ڊائري ڄيٺ مل لکي ھئي، ان کانپوءِ شيخ اياز جي ساهيوال جيل ڊائري آئي، عبدالواحد آريسر جون ھڪ کان وڌيڪ جيل ڊائريون لکيل ملن ٿيون، رشيد ڀٽي بھ جيل ڊائري لکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.