ڪراچي تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين:قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ خلاف سازشون منظم نموني سان جاري آهن، جن  کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سنڌ جي هر شعور يافته شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو شهر ۽ سنڌ جي دل آهي، جنهن تي ڪنهن به غير سنڌي گروهه يا لساني تنظيم جي قبضي واري سوچ ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي ڊويزن جي ضلعي عهديدارن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته جيڪي لساني گروپ سنڌ جي وحدت خلاف بڪواس ڪن ٿا، انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ماضي ۾ به اهڙين سڀني سازشن کي ناڪام بڻايو آهي هن وڌيڪ چيو ته افغان پناهگيرن ۽ غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ سنڌ حڪومت کي فوري ۽ مؤثر اپاءُ وٺڻ گهرجن،اجلاس  ۾ نثار علي ڪيريو، هوت خان گاڏهي، قادر چنا ڊاڪٽر سومار مڱريو،اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ ۽ ڊويزن ۽ ضلعن جا عهديدار وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.