اميد آهي ته عدالتون قاتل سردارن کي لغام ڏينديون:ام رباب

دادو (رپورٽ غوث جھتيال) ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ اهم پيش رفت، عدالت ۾ ڇهه ڪلاڪن تائين دليل جاري رهيا، جتي جوابدار ڌر جي وڪيل پنهنجا آرگيومينٽ مڪمل ڪيا، جڏهن⁠ ته عدالتي وقت پورو ٿيڻ سبب ٻڌڻي ايندڙ تاريخ 7 نومبر 2025ع تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالت ۾ ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته بابا سرداري نظام خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو، جنهن سبب منهنجا ٽئي گهر ڀاتي شهيد ڪيا ويا، اهو اسان سان وڏو ظلم ٿيو، پر مون کي مڪمل اميد آهي ته عدالت اهڙو فيصلو ڏيندي جيڪو تاريخي مثال بڻجي رهندو ته هتي جيڪو ظلم ڪندو، اهو بچي نه سگهندو،ٽي جنازا کڻڻ آسان ڪم ناهي، ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس تقريباً مڪمل ٿي چڪو آهي، گواهيون ۽ شاهديون مڪمل ٿي ويون آهن، مون کي عدالتن تي پوري اميد آهي ته قاتلن، سردارن ۽ جابرن کي لغام ڏنو ويندو ٻئي طرف ايم پي اي سردار چانڊيو پڻ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي، هر جوابدار جا وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا، جنهن سبب اڄ ٻڌڻي ڊگهي ٿي وئي سردار چانڊيو  چيو ته اسان جي ڪا به سياسي ساک متاثر نه ٿي آهي، جيڪي چون ٿا ته اسان تي ڪيس سبب اثر پيو، انهن کي ٻڌايان ته الحمدالله اڄ به ٻئي ڀائر ايم پي اي آهيون ۽ اسان تي ٽڪو به فرق نه پيو آهي۔ اسان جا مخالف ڏهه هزار ووٽ به نه ٿا کڻڻ ايم پي اي سردار چانڊيو وڌيڪ چيو ته فيصلو عدالت جو هوندو، جيڪو ڪورٽ ڏيندي اهو سڀني جي سامهون ايندو، اسان عدالتن جي فيصلي جو مڪمل احترام ڪنداسين، مخالفن پاران واويلا ڪئي وئي هي ته اسان ٺاھ لاءِ  مخالفن وٽ ويا آهيون اسان نه ويا آهيون نه ئي وينداسين،انهن وٽ ٺاهه لاءِ اسان جو ڪتو به نه ويو آهي نه ئي ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.