ڪراچي (رپورٽر) يوسف بشير قريشي وائي بي ڪيو هڪ مشهور فيشن ڊزائنر، فوٽوگرافر، پينٽر، فوڊ سائنٽسٽ ۽ فارمر کي سنڌ فوڊ اٿارٽي جو فوڊ سيفٽي اينڊ هائجين ايڊمنسٽريٽر پروگرام تحت سنڌ صوبي لاءِ فوڊ سيفٽي اينڊ هائجين ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ فوڊ اٿارٽي هائجين ايڊمنسٽريٽر پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن تحت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نامور شخصيتن ۽ ان تي اثر انداز ٿيندڙ ماڻهن کي اعزازي بنيادن تي فوڊ اينڊ هائجين ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويندو. جنهن تحت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نامور ماڻهن ۽ سماج تي اثر انداز ٿيندڙ شخصيتن کي اعزازي بنيادن تي فوڊ اينڊ هائجين ايڊمنسٽريٽرز مقرر ڪيا ويندا. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين سان ملاقات ۾ حسين، يوسف بشير قريشي عام ماڻهن ۾ فوڊ سيفٽي ۽ حفظان صحت بابت آگاهي جي پروگرام ۾ پنهنجي ڀرپور شرڪت ۽ سهڪار جو يقين ڏياريو.
ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروائيون، 2 جوابدار گرفتار
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار ڀرسان سي ٽي ڊي پوليس ڪارروائيون ڪيون آهن. ترجمان سي ٽي ڊي سنڌ موجب تلاش ايپ ذريعي 120 شڪي ماڻهن کي چيڪ ڪيو ويو. پريڊي ٿاڻي ۽ رضويه ٿاڻي جي حد ۾ گرفتار ٿيل 2 جوابدار اڳ به جيل وڃي چڪا آهن. نيلسن پٽ سجاد ۽ محمد عدنان پٽ محمد وسيم کي وڌيڪ جاچ لاءِ برگيڊ پوليس حوالي ڪيو ويو. ڊي ايس پي حسيب بيگ جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جمشيد ٿاڻي جي حد جي علائقن ۾ آپريشن ڪيو.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ فائرنگ جي واقعن ۾ 4 ڄڻا زخمي
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ فائرنگ جي واقعن ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ۾ نتيجي 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين جي سڃاڻپ 22 ورهين صدام حسين ولد شهمور ۽ 16 ورهين جي شھزاد ولد نبي حسن طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي،پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ۾ 10 ورهين جو ٻارڙو زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج اسپتال منتقل ڪيو ويو. جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، لانڍي مرتضٰي چورنگي ويجهو فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي سندس سڃاڻپ 25 ورهين جي سلمان ولد احسان الله طور ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ن ليگ کي سڄي ملڪ ۾ نئين تڪبندين بابت خدشا آهن: خرم دستگير
لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خرم دستگير جو چوڻ آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته سائفر معاملو سياست ۽ ليول پلئنگ فيلڊ جي ور چاڙهي ويو. جاري ڪيل بيان ۾ خرم دستگير چيو ته اسان کي سڄي ملڪ ۾ نئين تڪبندين بابت خدشا آهن. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته چونڊ نشان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، تحريڪ انصاف وٽ عدالت وڃڻ جو اختيار آهي. خرم دستگير چيو ته ٽڪيٽن بابت اٽڪل 20 سيٽن تي تڪرار آهي، استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) وڏا مطالبا ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪندڙ ڳالهيون نه ٿيون. ن ليگ اڳواڻ چيو ته آءِ پي پي اڳواڻن جي ايڊجسٽمينٽ ممڪن ٿي ويندي پر سندن وڏي ايجنڊا تي اڃا ڳالهه ٻولهه ٿيڻي آهي.
جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جون پارٽيون جمهوري استحڪام ۾ رنڊڪ آهن: سراج الحق
لاهور(م ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جمهوريت جي مضبوطي ۽ تسلسل سان ئي اڳتي وڌندو. لاهور مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ جماعت اسلامي جي امير چيو ته جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جون پارٽيون جمهوري استحڪام ۾ رنڊڪ آهن. سراج الحق چيو ته مهانگائي ۽ بدامني جو وڏو سبب گذريل حڪومتن جون ناڪام پاليسيون آهن..امير جماعت اسلامي چيو ته ماضي جي ڪارڪردگي ۽ تجربيڪار پارٽين جو تازو داستان صفر آهي. هن اهو به چيو ته 8 فيبروري تي جمهوري حڪومت جو سج اڀرندو.