حيدرآباد: اياز ميلي جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير احمد شاھھ چيو تھ شيخ اياز صديءَ جو وڏو شاعر آهي، اياز ھڪ تحريڪ جو نالو آهي، هي ميلو سجائڻ ڪامياب ڪوشش آهي، هي ميلو ڪنهن کليل جڳهھ تھ ڪرڻ گهرجي ھا، جتي وڏي تعداد ۾ ماڻھن جي گنجائش ھجي. هن چيو تھ نگران سنڌ حڪومت جو ڪم پرامن اچونڊون ڪرائڻ آهي، هن 27 ڊسمبر تي شھيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي موقعي تي سنڌ حڪومت طرفان عام موڪل ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو تھ موڪل بابت اجلاس ڪري موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو تھ اياز ميلي جي بجيٽ جي خبر ناهي، ثقافت کاتي 50 لک جي گرانٽ رکي آهي، جيڪا گهٽ گرانٽ آهي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت چونڊن ۾ غير جانبدار آهي، اسان کي ڪنهن سياسي پارٽي کان شڪايت نھ ملي آهي. هن چيو تھ ايس ايس پي سکر عرفان سمون 5 سال کان اتي مقرر هو، اهو جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چيو تھ جان محمد مهر جي قتل ۾ ٻيا عنصر بھ شامل آهن. هن چيو تھ جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ 50 لک انعام رکيو آهي.