وڏا ڌاڙيل سردارن جي پٺڀرائي سبب آزاد، سرينڊر ڌاڙيلن ڪيو يا حڪومت؟

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ حڪومت پاران سرينڊر پاليسي 2025 تحت ڪچي جي ڌاڙيلن لاءِ هٿيار ڇڏائڻ واري مهم جاري آهي جنهن ۾ 72 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. پر هن عمل تي شڪ ۽ تنقيد جا آواز به اڀري آيا آهن. يوٽيوب چينل کي انٽرويو ۾ فراز احمد جي سوالن جا جواب  ڏيندي صحافي مشتاق سرڪي چيو ته جن ماڻهن سرينڊر ڪيا آهن، اهي اصل ڌاڙيل نه پر معمولي سطح جا ماڻهو آهن، جڏهن ته وڏا ڌاڙيل ۽ شر، مهر ۽ جتوئي گينگن جا سربراهه اڃا به آزادي سان گهمي رهيا آهن. هن سوال ڪيو ته سرينڊر حڪومت ڪيو آهي يا ڌاڙيلن؟ ڇا دهشت جي علامت بڻيل خطرناڪ ڌاڙيلن ڀينو تيغاڻي، سڪندر تيغاڻي، خيرو تيغاڻي، منير مصراڻي جتوئي، قادراڻي جتوئي، معرفاڻي گينگ جي ڪنهن سرينڊر ڪيو آهي؟ سندس چوڻ هو ته سرينڊر ته آءِ جي سنڌ ۽ گهرو وزارت ڪيو آهي، ان کي جيڪڏهن سرڪار پنهنجي ڪاميابي قرار ڏئي ته اهو ڳڻتي جو مقام آهي. مشتاق سرڪي موجب اصل ۾ سرينڊر حڪومت ۽ پوليس عملدارن ڪيو آهي، ڌاڙيلن نه، ڇو ته وڏن ڌاڙيلن جا سياسي سرپرست ۽ بااثر سردار اڃا تائين انهن جي پٺيان بيٺل آهن. هن چيو ته سردارن، وڏيرن جي چرچ تي اهي سڀ گينگون هلن ٿيون، ڪو چونڊيل نمائندو ناهي جيڪو سرعام ڌاڙيلن جي حمايت نٿو ڪري کڻي ڪهڙو به قبيلو هجي جن ۾ معرفاڻي، مهر، جتوئي، سندراڻي، جاگيراڻي قبيلا اچي وڃن ٿا. هن چيو ته جيڪي ڌاڙيل واقعي خوف ۽ دهشت جو سبب آهن، انهن نه سرينڊر ڪيو آهي نه ئي گرفتار ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت پاران ڌاڙيلن کي ريڊ ڪارپيٽ تي آجيان ڪرڻ ۽ پراڻا، بيڪار هٿيار ڏيکاري سياستدانن جي ڪاميابي قرار ڏيڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ حڪومت پاڻ ڌاڙيلن سان ڊيل ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪيترائي ڌاڙيل اڳ به سرينڊر ڪري ڪجهه مهينن ۾ باعزت بري ٿي ويا آهن. مشتاق سرڪي چيو ته اغواڪارن جي شر گينگ جو ترجمان ثناءُالله شر ڳنڀير ڪيسن ۾ گهربل هو، سندس ڪا مبينا سيٽنگ ٿي ته هن سرينڊر ڪري ڇڏيو، سڀني سمجهيو ته مقابلي ۾ ماريو ويندو پر ايس ايس پي تبديل ٿيڻ سان ئي 15 ڪيسن ۾ بري ٿي ويو. ڪي اليڪٽرڪ جي ايم ڊي جي قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جو منهاج قاضي باعزت بري ٿي ويو. رينجرز جوانن جي شهادتن ۾ ملوث عبيد ڪي ٽي بري ٿي ويو ۽ جيل مان 4 مهينا اڳ کان ٻاهر هو. وڏو دهشتگرد عزير بلوچ ڪيسن ۾ بري ٿي رهيو آهي، اهو تماشو لڳل آهي. سکر جي ايس ايس پي عرفان سمون کي ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو ته منهنجو ماڻهو اغوا ٿيو آهي ان کان ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي ۽ شڪارپور ۾ هڪ فارم هائوس تي آهي. جڏهن ايس ايس پي ڪارروائي لاءِ پهتو ته عهدي تان ئي هٽي ويو. اهو فارم هائوس جنهن شخصيت جو هو اها بااثر شخصيت ڌاڙيلن جي سرينڊر واري تقريب ۾ به موجود هئي. هن چيو ته جيستائين سياسي سرپرستي ۽ بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي ختم نه ٿيندي، سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ امن جو قيام ممڪن نه ٿيندو.

هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيل ڪيسن کي منهن ڏيندا: ضياء لنجار

گهوٽڪي (ڊ ر) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سرڪار طرفان ڌاڙيلن جي سرينڊر پاليسي بلڪل واضح آهي ته کين مٿن داخل ڪيسن ۾ کين عدالتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، صحافين  سان ڳالهائيندي هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ جن برادرين جا قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن اهي سرينڊر ٿيڻ نه ٿا چاهن انهن جي سردارن مٿان زور وجهي برادرين جا فيصلا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيون پيا جيڪي ڌاڙيل سرينڊر نه ٿا ڪن انهن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيون پيا شڪار ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ آپريشن هلندڙ آهن گهوٽڪي ضلعي ۾ به وڏي پئماني تي آپريشن جي رٿابندي ڪيون پيا، هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ڌاڙيلن جي سرينڊر ٿيڻ بعد ڪچي جي زمين ڪنهن ڪمپني يا فرد کي ڏني ويندي، ڪچي جي زمين ٻيلي کاتي جي آهي  ڪچي جي رهواسين جي آهي ڪچي واسي اڳ ۾ ئي اها زمين آباد ڪري رهيا آهن باقي لينڊ مافيا هرهنڌ موجود آهن شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري بابت هن چيو ته شهيد جان محمد مهر جو مک قاتل مري چڪو آهي، نصرالله گڏاڻي جا جوابدار عدالت کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.