پاڪستان ۾ لبرل آواز ۽ متبادل خيال رکندڙن کي دٻايو ويو آهي: عائشا صديقا

نيو يارڪ (عوامي آواز نيوز) تجزيي نگار عائشا صديقا چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام چين ۽ آمريڪا ٻنهي جي خواهش آهي، پر ٻنهي جا مفاد ٽڪراءَ ۾ آهن، تنهنڪري گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ ڏکيو نظر اچي  ٿو. هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ بگرام ايئربيس حاصل ڪري ٻيهر اثر وڌائڻ چاهي ٿو ته جيئن چين ۽ ايران تي نظر رکي سگهي، جڏهن ته چين لاءِ اها صورتحال اڻ وڻندڙ آهي. يوٽيوب تي رضا رومي جي پروگرام ۾ سوالن جا جواب ڏيندي عائشا صديقا چيو ته طالبان هڪ منظم حڪومت نه پر هڪ نيٽ ورڪ آهن، جنهن ۾ مختلف ڌڙا شامل آهن، تنهنڪري ڪنهن به ملڪ لاءِ انهن سان رابطو يا ڪنٽرول سولو ناهي. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ انتهاپسندي جي حمايت ۽ طالبان جي واکاڻ کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، پر ملڪ ۾ لبرل آواز ۽ متبادل خيال رکندڙ ماڻهن کي دٻايو ويو آهي، جنهن سبب انتهاپسنديءَ جي فضا وڌي رهي آهي. عائشا صديقا چيو ته هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن وڏي جنگ جو امڪان نه آهي، ڇو ته ٻنهي ملڪن جون معيشتون اهڙي تڪرار جي سگهه نٿيون رکن. هن چيو ته ٻنهي طرفن جي سياسي قيادت عوامي ڌيان کي اندروني مسئلن کان هٽائڻ لاءِ جنگي بيانيي کي استعمال ڪري ٿي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه سالن تائين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ باقاعده ڳالهين جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي، رڳو غير رسمي ٽريڪ ٽو ڊائلاگ ذريعي رابطا ممڪن ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.