ڪراچي ( م ڊ ) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي ترجمان خالد قدومي چيو آهي ته حماس فلسطين ڪاز جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستاني قوم جي شڪرگذار آهي. سڄي دنيا جا ماڻهو آمريڪي حڪومت کان مطالبو ڪندا ته غزا ۾ جارحيت بند ڪئي وڃي. فلسطين فائونڊيشن پاڪستان جي تحت اسرائيل خلاف ۽ فلسطين يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي حماس جي ترجمان ڊاڪٽر خالد قدومي ۽ فلسطين فائونڊيشن جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صابر مريم ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر خالد قدومي چيو ته حماس پاڪستان جي عوام جي شڪر گذار آهي جن هميشه فلسطين جي جدوجهد جو ساٿ ڏنو آهي.