ڪارپوريٽ فارمنگ نالي قبضو ڪيو پيو وڃي، حڪمران ارڙهين ترميم کي قبول نه ٿا ڪن:اديب دانشور

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ پنجن ڏينھن وارو نائون اياز ميلو پنھنجي پڄاڻي تي پھتو، ميلي جي آخري ڏينھن تي بھ مختلف موضوعن تي ويھڪون ٿيون، جنھن ۾ سياست، ادب ۽ شاعري تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي، آخر ۾  راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي، جنھن ۾ ناميارن راڳين سرن جي ورکا ڪئي. ميلي ۾ ٿيل ويھڪن ۾ دانشورن، اديبن، شاعرن ۽ قانوني ماھرن ڳالھائيندي چيو تھ قومن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي، وفاق صوبائي ملڪيتن تي قبضو ڪري ويٺل آھي، حڪمران طبقا ارڙھين آئيني ترميم، آئين ۽ قانون کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھن، عالمي ادارن پاران سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباھڪارين کانپوءِ جيڪا امداد ملي، اھا بھ وفاق پاڻ وٽ رکي ڇڏي. سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ خانھ بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي منعقد ٿيل اياز ميلي جي آخري ڏھاڙي تي “عالمي ۽ مقامي حق” جي موضوع تي ويھڪ ٿي، جنھن جو ماڊريٽر جنيد انصاري ھو. ان موقعي تي نامياري قانوني ماھر ضمير گھمري ڳالھائيندي چيو تھ ھن وقت ملڪ ۾ آئين ۽ جمھوري اصولن توڙي قانون تحت حڪومتون ناھن، قومن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي والار، سنڌ ۽ بلوچستان جو سون، ڪوئلو، گئس ۽ تيل توڙي ٻيا معدني وسيلا جيڪي آئين موجب سمورا صوبائي ملڪيتون آھن اھي کسيا پيا وڃن ۽ وفاقي حڪومت انھن تي قابض آھي. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ ھڪ صوبي جي فوج، بيوروڪريسي، عدليا ۽ ميڊيا آھي، جيڪي اليڪشن توڙي پنھنجي مرضي جي آدمشماري ڪرائي پنھنجا ماڻھو پارليامينٽ ۾ آڻين ٿا، پوءِ وزيراعظم ۽ ڄاڻايل ادارا گڏجي سمورن وسيلن تي قبضو ڪن ٿا. ھن چيو تھ ھنن ادارن جو نسل پرستي وارو رويو آھي، ھو آئين، ارڙھين ترميم تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناھن، سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباھڪارين ۾ وفاق ڪردار ادا نھ ڪيو، عالمي ادارن پاران جيڪا امداد ملي، اھا بھ وفاق پاڻ وٽ رکي ڇڏي. ھن چيو تھ ھزارين ايڪڙ اسٽيل مل جي زمين آھي، جيڪڏھن اھا آئين موجب سنڌ کي ملي وڃي تھ اسين نئين سنڌ اڏي سگھون ٿا. ھن چيو تھ ٻولي، تھذيب، آئين ۽ 18 ھين ترميم کي مڃرائڻ ۽ پنھنجا وسيلا بچائڻ جي لاءِ ويڙھھ ڪرڻي پوندي. ھن چيو تھ سپريم ڪورٽ ۾ ھڪ بھ سنڌي جج ناھي، سپريم ڪورٽ ۾ سڀني صوبن کي ھڪجھڙي نمائندگي ڏني وڃي. سماجي اڳواڻ تحسين چيو تھ نيپال ۾ جمھوريت جي ڪاميابي ۾ پارلياماني نظام ۾ عورتن جي وڏي شموليت آھي، اسان جي پارليامينٽ ۾ بھ عورتن جي ڪوٽا کي وڌائڻو پوندو، جنھن سان ئي پاڪستان جي ڪاميابي آھي. ھن چيو تھ اھي ماڻھو جيڪي پارليامينٽ ۾ اچڻ جو سوچي بھ نٿا سگھن، اھي ماڻھو پارليامينٽ  ۾ چونڊجي ايندا تھ اھي پنھنجي مسئلن تي ڳالھائي سگھندا. ليکڪ اسلم خواجا چيو تھ عالمي توڙي ملڪي سطح تي اسان جا حق ماريا ويا آھن، انھن کي منھن ڏيڻ واري فورس ڪٿي آھي؟ ان موقعي تي ليکڪ ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو تھ دنيا ۾ صورتحال بھتر ٿيڻ لاءِ وڪالت ڪرڻ گھرجي، اسان افغان طالبان جي حمايت ڪري پاڪستان جي امن کي بدامني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اسان وٽ ھڪ بھ اھڙي يونيورسٽي ناھي، جتي گلوبلائزيشن تي تعليم ڏني ويندي ھجي. ھن چيو تھ عدليا ۾ ھڪ بھ سنڌي جج ناھي، ھڪ بھ سنڌي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو ناھي ۽ اھا ڪرڪيٽ ٽيم وري دنيا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.