بيٽ جي نشان جي آڇ ٿي، مون انڪار ڪيو: پرويز خٽڪ

پشاور ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته مون کي بٽ جي نشان جي آڇ ڪئي وئي، مون انڪار ڪيو. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته اسان رڳو حڪومت نه ڪئي. ادارا کي به بهتر ڪيو آهي، اليڪشن مهم هلي رهي آهي، عوام تائين پنهنجو پيغام پهچايون پيا. پرويز خٽڪ چيو ته وفاق اسان جا حق ڦريا آهن، اهي حاصل ڪرڻا آهن. ضم ٿيل ضلعن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، فنڊ نه پيا اچن. هن چيو ته اسان جا ڪيترائي آزاد دوست چونڊ وڙهي رهيا آهن، ڪاميابي کانپوءِ آزاد اميدوار اسان سان گڏ هوندا. پرويز خٽڪ چيو ته صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز ۾ اچي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.