پي ٽي آءِ جو”بيٽ“نشان وٺڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف چونڊ نشان ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪري  ورتو. تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان معظم بٽ موجب اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊ نشان واپس وٺڻ خلاف اڄ پشاور هاءِ ڪورٽ وينداسين، ڪيس بابت پٽيشن تيار ڪري ورتي آهي. هن چيو ڪوشش هوندي ته پٽيشن ان وقت ئي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿئي، پٽيشن ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي ۽ پٽيشن ۾ موقف آهي ته اليڪشن ڪميشن غير قانوني فيصلو ڪيو آهي.پي ٽي آءِ جي مرڪزي ترجمان چيو ته اڻ لاڳاپيل شخص جي درخواست تي چونڊ نشان واپس وٺڻ غير قانوني آهي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انٽرا پارٽي چونڊون پارٽي آئين موجب نه ڪرائڻ تي تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.