اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز ميمڻ کي هٽايو ويو. اليڪشن ڪميشن آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد خلاف سياسي جماعتن جي شڪايتن تي ٻنهي کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو پر ٻنهي کي واضح حڪمن باوجود عهدن تان نه هٽائڻ تي اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري کي 26 ڊسمبر تي طلب ڪيو هو. هاڻ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي سيڪريٽري خرم آغا طرفان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد جي جاءِ تي مقرري لاءِ چئنل آف آفيسرز تجويز ڪري.
دمشق جي علائقي تي اسرائيل جو حملو، جنرل سليماني جو ساٿي ڪمانڊر مارجي ويو
تهران ( م ڊ ) اسرائيل دمشق جي علائقي تي حملو ڪيو آهي، ايراني ٽي وي موجب حملي ۾ هڪ ايراني ڪمانڊر مارجي ويو جيڪو جنرل قاسم سليماني جو ساٿي هو. ايراني ٽي وي جو چوڻ آهي ته ايراني فوجي صلاحڪار سينيئر ڪمانڊر رضا موسوي تي حملو مشاورتي مشن دوران ڪيو ويو. ايراني ٽي وي موجب حملي ۾ وڌيڪ جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.
پرويز خٽڪ کي بيٽ جي نشان بابت آڇ ناهي ڪئي : اليڪشن ڪميشن جي ترديد
پشاور(م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پرويز خٽڪ جي ان دعويٰ جي ترديد ڪئي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پرويز خٽڪ کي چونڊ نشان بيٽ پيش ناهي ڪيو.هن اهو به چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان ڪنهن کي به بيٽ جو چونڊ نشان پيش ناهي ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) پرويز خٽڪ کي بيٽ جو چونڊ نشان ڏيڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي.