حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ”آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دور ۾ اياز“ جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنھن جو ماڊريٽر شاھ مراد چانڊيو ھو. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل کنڀاٽي سيشن ۾ ڳالھائيندي چيو تھ مصنوعي ذھانت جو ڳانڍاپو ٽيڪنالاجي سان آھي، مصنوعي ذھانت 1950ع کان وجود ۾ آئي آھي، مصنوعي ذھانت دنيا توڙي پاڪستان ۾ نئين ناھي، مصنوعي ذھانت تي پھريون ڪم 1970ع ۾ ٿيو، مصنوعي ذھانت تي ڪم عوامي سطح تائين ناھي ٿيو. ھن چيو تھ مصنوعي ذھانت لاءِ ڊيٽا جو مٽيريل موجود ھئڻ لازمي آھي، مصنوعي ذھانت ڊيٽا تي ڪم ڪري ٿي، گوگل تي شيخ اياز جا بيت ۽ ٻي شاعري تھ ملي ٿي، پر شيخ اياز کي مصنوعي ذھانت جو حصو بڻائڻ لاءِ شيخ اياز جي سمورين صنفن کي ٽيڪسٽ جي صورت ۾ آڻڻو پوندو، شيخ اياز کي مصنوعي ذھانت جو حصو بڻائي سڄي دنيا تائين پھچائي سگھون ٿا. سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪم ڪندڙ انجنيئر امر فياض چيو تھ ايندڙ وقت ۾ ٻوليون ۽ ادب تڏھن ئي بچي سگھن ٿا، جڏھن مشيون ٻولين ۽ ادب کي سمجھنديون. شبير ڪنڀر چيو تھ شيخ اياز جا 80 ڪتاب ڊجيٽلائيز ٿي سگھيا آھن، سڄو مواد ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود ناھي، ان مان بھ ڪيترائي اھڙا ڪتاب آھن، جيڪي اسڪين جي صورت ۾ موجود آھن. ھن چيو تھ اسان شيخ اياز کي صرف 10 کان 20 سيڪڙو ڊجيٽلائيز ڪري سگھيا آھيون، ھن چيو تھ تصوير مئل شيءِ ھوندي آھي، جيڪو اسان لاءِ ڪارآمد ناھي، ٽيڪسٽ ئي مصنوعي ذھانت لاءِ ڪارآمد آھي، اياز سميت سنڌ جي ٻين شاعرن کي ڊجيٽلائيز ڪري انھن کي مصنوعي ذھانت جو حصو بڻائي سگھون ٿا .