هائبرڊ نظام وڌيڪ طاقتور، عدليه تي دٻاءُ وڌندو، صوبائي خودمختياري متاثر ٿيندي

دبئي(ڪامران خان) 27هين آئيني ترميم تي ڪم جاري آهي، پر عوام کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي۔ اهو قدم اصل ۾ انهن سياسي قوتن لاءِ بري خبر آهي جيڪي 18هين ترميم کان پوءِ اقتدار ۽ وسيلا پنهنجي هٿ ۾ مرڪوز ڪري مزا وٺنديون رهيون.ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته ملڪ ۾ هڪ وڏو سياسي زلزلو اچڻ وارو آهي، جيڪو طاقت جي توازن، مالي نظام ۽ عدليه جي جوڙجڪ ۾ وڏي پيماني تي تبديليون آڻي سگهي ٿو۔آئيني ماهرن مطابق، هي ترميم ايگزيڪيوٽو جو عدليه تي ڪنٽرول وڌيڪ مضبوط ڪندي، صوبن جي “شاهي مالي اختيارن” کي محدود ڪندي، ۽ نئين سول-ملٽري هائبرڊ ڍانچي کي آئيني تحفظ فراهم ڪندي،اصل ۾ صوبن تائين اختيار وڃڻ بعد مقامي سطح تائين اهي اختيار منتقل نه پيا وڃن،نون انتظامي يونٽس ۽ مضبوط لوڪل گورنمينٽ سسٽم جي ضرورت وڌي وئي آهي اين ايف سي جي ڳالهه ڪجي ته وفاق وٽ خرچن لاءِ پئسا نه بچن ٿا، تنهنڪري نظام ۾ ترميم لازمي آهي،27هين هين ترميم ذريعي مقامي حڪومتن کي آئيني تحفظ ڏيڻ جو پلان آهي،اهم سوال اهو آهي ته ڇا صدر زرداري ۽ پيپلز پارٽي ان ترميم جي حمايت ڪندا؟ ڇا هن ترميم سان وفاقي “هائبرڊ نظام” وڌيڪ طاقتور ٿيندو؟ڇا شهباز شريف پنهنجو پنج سالا مدو پورو ڪري سگهندو؟قانوني ماهر عبدالمجيد جعفري جو موقف آهي ته اها ترميم آئين جي بنيادي روح جي خلاف آهي،عدليا تي اثرانداز ٿيڻ ۽ صوبائي خودمختياري گهٽائڻ سان نظام غير متوازن ٿيندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.