ڪراچي (رپورٽر ) ڀوتار نامنظور فورم طرفان ڪالهه پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۾ ڀوتارڪي نظام خلاف هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ليکڪن اديبن ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدرسيد زين شاهه چيو آهي ته ڪلاس جو اشو ناھي ڪامورو به ڀوتار جو ساٿي آھي ڪامورو ئي ڀوتار کي ھلائي ٿو، سئو سالن وارن جاگيردارن جو تعداد گھٽجي رھيو آھي، زمين تي قبضوڪندڙ جيڪڏهن پارٽي جو صدر ھجي ته پوءِ ڇا ڪجي يا لينڊ گريبر حڪمران ھجي ته پوءِ ڇا ڪجي. ھن چيو ته ھي ھڪ ئي سلسلي جي ڪڙي آھي، اقتدار وٺڻو آھي ته ڪيترو حصو ڏيڻو آھي يا وٺڻو آهي سنڌ جي جاگرافي خلاف جيڪا به ڳالهه ٿئي ٿي ته اسان مزاحمت ڪريون ٿا.ھن چيوته تازو شڪارپور ۾ جيڪي ڌاڙيل پاڻ پيش پيا آهن اھي به ڀوتارن جي چوڻ تي آيا ھئا ھن چيو ته بيورو ڪريسي آئيني حدن ۾ رھي ڪري ڪم ڪن جيڪڏهن مينڊيٽ کي روڪيو ويندو ته ان جو ري ايڪشن ضرور ايندو. هن ڇيو ته ڇويھين ترميم کانپوءِ آئيني مارشلا لڳائي وئي آھي ڀوتارڪي نظام خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻي پوندي، فورم جي اڳواڻ ۽ قانوندان شھاب اوستو خطاب ڪندي چيو ته جاگيرداري داري نظام پوري دنيا ۾ ختم ٿي چڪو آهي پر اسان وٽ اڃا ھلي رھيو آھي. هن چيو ته ناظم جوکيو ڀوتارن خلاف ھڪ علامت طور پيدا ٿيو هو، ھن وچين ڪلاس لاءِ ڪم ڪندي پنھنجي جان ڏني ۽ جيستائين سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ ڀوتارڪو نظام هوندو سنڌ جي معاشي، سماجي ترقي نه ٿيندي. ليکڪ ۽ وڪيل امان الله شيخ چيو ته اسان جا حڪمران اھو ئي چاھين ٿا ته اسان سڀ باشعور ۽ وچين طبقي جا ماڻهو پاڻ ۾ ورھايل رھون ٽڪرن ۾ ھجون،جنهن لاءِ سياست ۾ حصو وٺڻ ضروري آھي. پاڪستان ۾ قوم پرستي پاڻ جاگيرداري جي اثر هيٺ رھي آھي ڪراچي ۾ مڊل ڪلاس گڏ ٿيو آھي اسان جو جاگيردار ڪلاس وڏا شھر ڇڏي ننڍن شھرن ۾ رھي ٿو. مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته اندروني سنڌ جو لفظ پڙھيل لکيل استعمال ڪري رھيا آھن پر ٻين صوبن ۾ اھيو لفظ استعمال ڪونه ٿي رھيو آھي ڪراچي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ سنڌين کي ڪم نه ٿو ڏنو وجي ان لاءِ اسان کي ڀوتاري نظام جو خاتمو آڻڻو پوندو. مسعود نوراني چيو ته ھاڻي اھو دور اچي ويو آهي جو ڪامورا به ڀوتار بڻجي ويا آھن جاگيرداري نظام کي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ھلائي رھي آھي سنڌ جي پيسي جو حساب ڏنو وڃي، ھن چيو ته اردو ڳالهائيندڙ جڏهن انڊيا مان آيا ته انھن سان سلوڪ بھتر نه ڪيو ويو ٻولي وارو اشو اٿارڻ ڇا ضروري ھو ھن چيو ته اجرڪ واري پليٽ سان ڪنهن جو پيٽ ڀرجي ٿو ڇا اسان کي ھڪ ٻئي سان جڙيل رھڻ گھرجي. ڪراچي جي اڳوڻي ميئر فھيم زمان چيوته جيڪڏهن جمھوريت اسان چاھيون ٿا ته ڀوتارڪي نظام جو خاتمو آڻڻو پوندو ناظم جوکيو جو واقعو تڪليف ڏيندڙ آھي اسان جي جدوجھد جاگيرداراڻي نظام خلاف ھجڻ گھرجي. قومي محاذ آزادي جي اڳواڻ اظھر جميل چيو ته ضروري ناهي ته حقن لاءِ بندوق کڻجي ته جدوجهد ڪرڻ گھرجي، عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلهو چيو ته جاگيرداري جو نظام تبديل ٿي نه ٿو سگھي جيستائين پاليسيون تبديل نه ٿيون ٿين مذھبي انتھا پسندي سان به جاگيرداري نظام جڙيل آهي اسان مٿان جيڪو فرض آهي ان سان نباهيندا رھنداسين. ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجو چيوته سنڌ ۾ آڄ به ڀوتارڪي نظام ھلي رھيو آھي تحسين فاطمه چيو ته مان اردو ڳالهائيندڙ آھيان پر ڪراچي کي سنڌ کان الڳ نه ٿي سمجھان منھنجي پيدائش سنڌ ۾ ٿي آھي ان ڪري مان سنڌي آھيان سنڌ منهنجي سڃاڻپ آھي .