ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 2 نوجوان مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا ٻه ڌار ڌار واقعا پيش آيا جن ۾ ٻن نوجوانن جون حياتيون ختم ٿي ويون. پوليس موجب صبح سوير مين يونيورسٽي روڊ تي موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 20 ورهين جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، مبينا ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد نواز ٻڌايو ته مقتول عبدالله پنھور پنهنجي دوست آصف علي چنا سان گڏ گلشنِ اقبال جي نيپا چوڪ وٽ هوٽل تي چانهه پيئڻ کانپوءِ اسڪيم 33 ۾ واقع پنهنجي ڳوٺ مخدوم بلاول ڳوٺ ڏانهن واپس وڃي رهيو هو، جڏهن هو ٻئي موٽر سائيڪل تي مين يونيورسٽي روڊ تي پي ايس او پيٽرول پمپ جي ويجهو پهتا، تڏهن هٿياربندن فائرنگ ڪئي، عبدالله پنھور کي ساڄي ڪن جي ڀرسان گولي لڳي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿيو ۽ رت وهي وڃڻ ڪري واقعي واري هنڌ تي ئي فوت ٿي ويو، ايس ايڇ او موجب حملو اصل ۾ آصف علي چنا تي ٿيڻ گھرجي ھو، جيڪو محفوظ رهيو، پر سندس دوست عبدالله پنھور مارجي ويو. پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو، جنهن ۾ هڪ نامزد جوابدار سجاد خاصخيلي ۽ هڪ اڻڄاتل ساٿي کي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي، ڪيس آصف علي چنا جي فرياد تي داخل ٿيو آهي، فريادي موجب جوابدار سجاد خاصخيلي جو انهن جي والد سان مالي تڪرار هلندڙ هو. جوابدار سندن والد کان رقم قرض ورتي هئي پر واپس نه پئي ڪئي، جڏهن والد رقم واپس گهري، تڏهن سجاد خاصخيلي کيس سنگين نتيجن جي ڌمڪيون ڏنيون هيون، هڪ ٻيو ٽارگيٽ ڪلنگ جو واقعو بلديه ٽائون ۾ پيش آيو، جتي 18 ورهين جي نوجوان کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. پوليس جي ترجمان جي ابتدائي بيان موجب خان نالي نوجوان کي نواب ڪالوني جي 20 نمبر بس اسٽاپ جي ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي گولي هڻي قتل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.