اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ آڪٽوبر ۾ مهانگائي ناڻي وزارت جي ڪاٿي کان وڌيڪ رڪارڊ ٿي. ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب، سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 1.83 سيڪڙو واڌ ٿي، آڪٽوبر ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 6.24 سيڪڙو تي پهچي وئي، ناڻي واري وزارت آڪٽوبر لاءِ مهانگائي جو ڪاٿو 5 کان 6 سيڪڙو جو لڳايو هو. ڳڻپ کاتي موجب، جولاءِ کان آڪٽوبر تائين سراسري مهانگائي 4.73 سيڪڙو رهي، سيپٽمبر 2025 ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 5.6 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. گذريل مهيني ٻهراڙين ۾ ماهوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح 2.26 سيڪڙو وڌي، آڪٽوبر ۾ شهرن ۾ مهانگائي ۾ 1.54 سيڪڙو واڌ ٿي. ٻهراڙين ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 6.59 سيڪڙو رهي، آڪٽوبر ۾ شهرن ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 6 سيڪڙو رهي. اداري موجب، هائوسنگ جي شعبي ۾ شين جي اگهن ۾ 4.2 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪپڙن ۽ جوتن جي اگهم ۾ 8.1 سيڪڙو واڌ، ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ 6.7 جڏهن ته تعليمي خرچن ۾ 10.6 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. صحت تي ٿيندڙ خرچن ۾ 9.6 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.