وزيراعظم جي صدارت ۾ ن ليگي وفد 27هين ترميم جي منظوري لاءِ حمايت گهري آهي: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 27هين ترميم جي حمايت جي درخواست ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ مسلم ليگ نون جي وفد صدر آصف علي زرداري ۽ مون سان ملاقات ڪئي.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم پ پ کان 27هين ترميم جي حمايت جي درخواست ڪئي، ترميم ۾ آئيني عدالت جو قيام، ايگزيڪٽيو مجسٽريٽس ۽ ججن جي بدليون شامل آهن.
هن چيو ته اين ايف سي ۾ صوبائي حصي جو تحفظ ختم ڪرڻ به 27هين ترميم جو حصو آهي، تجويزن ۾ آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي، تعليم ۽ آبادي جي رٿابندي کي وفاق ڏانهن واپس آڻڻ جي ترميم به شامل آهي.
پ پ چيئرمين ٻڌايو ته 27هين آئيني ترميم ۾ اليڪشن ڪميشن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ به شامل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي قطر مان واپسي کانپوءِ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس 6 نومبر تي ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي پاليسي طئي ڪئي ويندي.
سي اي سي اجلاس طلب
ٻئي پاسي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس 6 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي.
پڌرائي موجب، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.