بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڳجهي طور جوهري تجربا ڪرڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ الزام هنيو هو ته پاڪستان، چين ۽ روس ڳجهي نموني ايٽمي هٿيارن جا تجربا ڪري رهيا آهن.
ٽرمپ جي اهڙي الزام تي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ واضح ڪيو ته چين جوهري تجربن تي عالمي سطح تي جاري پابندين جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، چين جوهري تجربا معطل ڪرڻ جي پنهنجي واعدي تي عمل ڪري رهيو آهي، هڪ ذميوار ايٽمي طاقت طور چين پرامن ترقي جو خواهشمند آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪا تي زور ڏنو ته هو به جوهري تجربن تي لاڳو پابندي جو احترام ڪري.
					You might also like