راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعن اتر وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ 3 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي عيشام ۾ پاڪ – افغان سرحد رستي دراندازي جي ڪوشش ڪندڙ خارجين جي هڪ گروهه جي چرپر کي سيڪيورٽي فورسز وقت سر نوٽ ڪيو ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ٻه خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مارجي ويلن ۾ هڪ خارجي قاسم افغان بارڊر پوليس ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو هو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب ان ئي ڏينهن ٽانڪ ضلعي ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ڪيل هڪ ٻي ڪارروائي ۾ هڪ خارجي ماريو ويو، جنهن جي سڃاڻپ اڪرام الدين عرف ابو دجانه جي نالي سان ٿي.
					You might also like