ٿرڪول ۽ ريلوي منصوبا: ترقيءَ جي نالي تي ٿيندڙ فطرت جي تباهي

تحرير: غازي بجير

رڳو گوڙاڻي ڊيم ايريا ۾ 2،000 کان 3،000 ايڪڙ زمين تي قدرتي چراگاهن ۽ وڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي،هي پاڻي جيڪو مسلسل ڏهه سالن کان ڇڏبو پيو اچي، زمين جي زرخيزيت ختم ڪري ڇڏي آهي. جتي اڳ سرسبز جهنگ ۽ چراگاهون هيون، اتي هاڻي بنجر ۽ زهرآلود ميدان آهن.

 مقامي رهاڪو چون ٿا ته لکين وڻ ۽ ٻوٽا ختم ٿي ويا آهن، جيڪي پکين جا آشرم ۽ انسانن لاءِ ڇانوَ جو ذريعو هئا.ٿر جي فطري نظام ۾ وڻن جو ڪردار بنيادي رهيو آهي،اهي ڌرتيءَ کي ٽهي کان بچائين ٿا، برساتي پاڻيءَ کي جذب ڪن ٿا ۽ حياتيات جي توازن کي برقرار رکندا آهن،هاڻي جڏهن اهي وڻ ڪٽيا ويا آهن ته نتيجي ۾ گرميءَ جي شدت وڌي وئي آهي،ڌوڙ ۽ مٽيءَ سبب تنفسي بيماريون وڌيون آهن،جانورن جا چراگاه ختم ٿي ويا آهن،مقامي ماڻهن جا روزگار ۽ مال مويشي جي پرورش متاثر ٿي آهي،گوڙاڻو ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا هاڻي بنجر زمين تي زنده رهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته ترقيءَ جي نالي تي سندن ڌرتي ۽ فطرت ٻنهي کي برباد ڪيو پيو وڃي،ڇور کان ٿرڪول منصوبن تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم جاري آهي. هي لائين جتي توانائي منصوبن کي سهارو ڏيندي، اتي ساڳئي وقت فطرت لاءِ نئين مصيبت بڻجي وئي آهي،ريلوي جي تعمير دوران ڳوٺن جي قدرتي ترايون (پاڻي گڏ ڪرڻ جا تلاءَ) کوٽي مٽي کڻڻ لاءِ تباهه ڪيون پيون وڃن. اهي ترايون وسڪاري دوران پاڻي گڏ ڪنديون هيون، جن مان انسان، جانور ۽ پکي اڃ اجهائيندا هئا.هاڻي انهن جي خاتمي سان ٿر ۾ پاڻيءَ جو قحط وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي،ريلوي جي وڇاڻي سان گڏ لکين وڻ وڍيا ويا آهن، ڳوٺن جا رستا ۽ قبرستانن جا لنگهه بند ٿي ويا آهن. ڪيترن ڳوٺاڻن کي پنهنجي زمينن جو معاوضو به ناهي مليو. متاثر ڳوٺن ۾ احتجاج جاري آهي، پر سندن رڙ ڪوڪ اڃا تائين اختيارين تائين نه پهتي آهي.

ساڳئي نموني ڇور کان ٿرڪول منصوبن تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائي پئي وڃي انھي ريلوي وڇائڻ دوران ٿر جي ڳوٺن ۾ قدرتي طور موجود تراين کي کوٽي انھن مان مٽي کڻي تباھي ڪئي پئي وڃي جنھن سبب ڳوٺن ۾ موجود قدرتي ترايون ختم ٿي رھيون آھن اھي ترايون جيڪي وسڪاري جي موسم دوران برساتن ۾ پلر پاڻي جمع ٿيندو آھي جيڪو پنج کان ڇھن مھينن تائين پاڻي موجود هوندو آھي جنھن مان لکين انسان،جانور توڙي پکي پکڻ پنھنجي اڃ اجهائيندا آھن انھي سان گڏ ريلوي جي ڪم دوران لکين قيمتي وڻ وڍي ناس ڪيا ويا آھن،علائقن جي قدرتي نقشي کي بگاڙيو پيو وڃي ڳوٺن جا ماڻھو سخت پريشانين ۾ ورتل آھن انھن جي ڪا به رڙ ڪوڪ نٿي ٻڌي وڃي،انھي سلسلي ۾ تعلقي ڇاڇرو ويجهو مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران ريلوي جي پٽڙي تعمير ٿيڻ بعد لنگھه ۽ رستا بند ٿيڻ توڙي زمينن جو معاوضو نه ملڻ خلاف قبول دل،سڪندر راهمون،الهداد راهمون،چمن ميگھواڙ،جواهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو تہ اسانجي ڳوٺن ڳرڙيو،راڻار،ڀاڏي،روهيراڙو،ڪاٺو، ڏيڏيو،مالهي جو پار ۽ ٻين ڳوٺن جي ڀرسان ريل جي پٽڙي گذري ٿي جنهن جو تعميراتي ڪم هلندڙ آهي،ريل جي پٽڙي جي وڇائي بعد اسان جي اچ وچ جا گس،پيئڻ جي پاڻي جا پارن جا رستا،قبرستانن جا رستا مڪمل طور بند ٿي رهيا آهن ۽ متاثر ٿيندڙ زمينن جو معاوضو به نه مليو آهي،اسان ايف ڊبليو او ڪمپني ۽ ٻين واسطيدار اختيارين آڏو مطالبا رکيا پر تسليم نٿا ڪيا وڃن،ڳوٺ ڳرڙيو جي ڳوٺاڻن جي ٻنين جو رستو بند ٿي ويو آهي اناج،چارو ۽ ٻيو سامان کڻي ڳوٺ تائين پهچڻ مشڪل ٿي ويو آهي،ڪي اهڙا ڳوٺ آهن جن جي قبرستان جا رستا به بند ٿي ويا آهن،اسان لاڳاپيل اختيارين کي اپيلون ڪندا رهيا آهيون ته ريل جي پٽڙي وچان گذرگاھ ٺاهيا وڃن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ڳوٺاڻن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.