سنڌ بار ڪائونسل پاڪستان جي عدالتي نظام جو هڪ اهم ستون آهي، جيڪو وڪيل برادري جي نمائندگي ۽ عدليه جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي علامت رهيو آهي۔ هن اداري جو ڪردار نه رڳو قانوني ميدان ۾ نمايان رهيو آهي پر سياسي ۽ سماجي شعور جي واڌ ويجهھ ۾ به بنيادي حيثيت رکي ٿو۔سنڌ بار ڪائونسل جو قيام 1973ع جي آئين تحت عمل ۾ آيو، پر هن اداري جي حقيقي سڃاڻپ ان وقت ٺهي جڏهن سنڌ جي وڪيل برادري مارشل لا جي دورن ۾ آئين جي بالادستيءَ لاءِ ميدان ۾ نڪتي۔
1980ع واري ڏهاڪي ۾ ضياءُالحق جي آمرانه دور هجي يا 2007ع ۾ ججن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌ جي وڪيلن هميشه اڳڀرو ڪردار ادا ڪيو هن ئي تسلسل ۾ “ٻٻرلو ڌرڻو” سنڌ جي وڪيلن جي جدوجهد جي تاريخ جو هڪ اهم باب بڻجي ويو آهي۔ ٻٻرلو ڌرڻو رڳو هڪ احتجاج نه پر هڪ فڪر ۽ تحريڪ هئي، جنهن سنڌ جي قانوني برادريءَ کي نئين سر منظم ڪيو۔ اهو ڌرڻو ان وقت ٿيو، جڏهن ملڪ جي عدليه تي سياسي دٻاءُ وڌي رهيو هو ۽ وڪيلن جو مؤقف هو ته عدليه کي حڪومتي مداخلت کان آزاد رکيو وڃي ٻٻرلو ڌرڻي جو بنيادي مقصد عدالتي آزادي ۽ سنڌ جي قانوني ادارن ۾ غير سياسي مداخلت جو خاتمو هو۔ ان ڌرڻي ۾ وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽيءَ جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ڪيترن ڏينهن تائين جاري رهندڙ احتجاج ۾ سنڌ جي مختلف بار اسوسئيشنز جا اڳواڻ ۽ نوجوان وڪيل ميدان ۾ رهيا ٻٻرلو ڌرڻي جي نتيجي ۾ نه صرف عدليه جي آزاديءَ لاءِ عوامي آگاهي وڌي، پر اهو وڪيل برادريءَ جي اتحاد ۽ مزاحمتي روايت جو ثبوت بڻيو۔ ان ڌرڻي کان پوءِ سنڌ جي بار ڪائونسل جي حيثيت وڌيڪ مضبوط ٿي ۽ ڪائونسل هڪ دٻاءُ وجهندڙ ادارو بڻجي سامهون آئي، جيڪو حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ توازن رکڻ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔تازين چونڊن ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سياست هڪ ڀيرو ٻيهر مرڪز ۾ آئي آهي۔ ڪائونسل جي 33 سيٽن مان تقريباً 18 اميدوار پاڪستان پيپلزپارٽي جا حمايت يافتا آهن، يعني پارٽي تقريباً 55 سيڪڙو سيٽون کٽي ورتيون آهن۔ اهڙي اڪثريت سان پيپلزپارٽي کي نه رڳو فيصلن تي اثر وجهڻ جو موقعو مليو آهي، پر قانوني پاليسين جي رخ جو تعين به هاڻي سياسي مفادن مطابق ٿي سگهي ٿو۔ڪيترا اميدوار پاڻ کي “اڻ ڌريا” ظاهر ڪندا آهن مثال طور ڪراچي جي مختلف ضلعن مان اڻ ڌريا وڪيل ڪامياب ٿيا آهن انهن ۾ عامر نواز وڙِائچ، امير بخش ميتلو، عبدالحفيظ لاشاري، ٿمساپ رضوي، ذبير احمد ابڙو، عبدالرشيد راڄڙ،عامل ڪنسر، شمس علي خان، حق نواز ٽالپر، نعيم الدين، اشتياق ميمڻ, جهانگير راهو جو, وقار عالم عباسي, جان محمد نائچ, ارون پرساد, رياض احمد ڀٽي شامل آهن انهن نتيجن بعد چئي سگهجي ٿو ته پيپلزپارٽي ڪراچي جو سنڌ بار مان صفايو ٿي ويو آهي تنهن هوندي به اڪثر فيصلا اڪثريتي سياسي سوچ سان هم آهنگ نظر اچن ٿا۔ سوال اهو اڀري ٿو ته ڇا سنڌ بار ڪائونسل پنهنجي تاريخي مزاحمتي روايت برقرار رکندي يا هاڻي فيصلا حڪمران ڌر جي خواهشن مطابق ٿيندا؟
گذريل دور ۾ بار ڪائونسل جا ڪيترائي فيصلا “سنڌ دوست” قرار ڏنا ويا، پر حقيقت ۾ انهن جي پس منظر ۾ گهڻو ڪري سياسي اثر موجود رهيو۔ عدليه ۾ مقررين، وڪيلن جي لائسنسن، ۽ بدعنوانيءَ جي ڪيسن تي ڪيترا فيصلا اڪثريت جي مرضيءَ سان ٿيا، جيڪي پيپلزپارٽيءَ جي پاليسيءَ سان هم آهنگ هئا اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي قانوني حلقن ۾ اها ڳالھ وڌي رهي آهي ته ڪائونسل کي ٻيهر پنهنجي اصل حيثيت ڏانهن واپس موٽڻ جي ضرورت آهي يعني اهڙو ادارو جيڪو نه حڪومتي دٻاءُ هيٺ هجي، نه ڪنهن سياسي ڌر جو اوزار بڻجي وڪيلن جي نئين نسل ۽ نئين اميدون ٻٻرلو ڌرڻي کان پوءِ سنڌ جي نئين وڪيل نسل ۾ هڪ نئون شعور جنم ورتو آهي۔ انهن لاءِ بار ڪائونسل صرف نمائندي ادارو نه پر انصاف ۽ اصولن جي تحريڪ آهي۔ ڪيترائي نوجوان وڪيل اڃا به ان جدوجهد کي زنده رکڻ چاهين ٿا، جنهن جو مقصد عدليه جي آزادي، قانون جي برابري ۽ غريب عوام تائين انصاف جي رسائي آهي
هاڻي جڏهن پيپلزپارٽي کي بار ڪائونسل ۾ اڪثريت حاصل آهي، ته اميد آهي ته اها اڪثريت ادارتي سڌارن لاءِ استعمال ٿيندي، نهته ذاتي يا سياسي مفادن لاءِ۔ جيڪڏهن نئين قيادت ٻٻرلو ڌرڻي جي جذبن کي ياد رکندي ته بار ڪائونسل ٻيهر هڪ مزاحمتي ۽ عوام دوست ادارو بڻجي سگهي ٿي سنڌ بار ڪائونسل جي تاريخ وڪيلن جي قربانين، جدوجهدن ۽ اصولي موقفن سان ڀري پئي آهي۔ ٻٻرلو ڌرڻو ان تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهي، جيڪو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته قانون جي حڪمراني ڪڏهن به سياسي مفادن جي غلام نه ٿيڻ گهرجي۔
تازين چونڊن کان پوءِ، سنڌ لاءِ اميد آهي ته نئين بار ڪائونسل ماضيءَ جي مزاحمتي روايت کي زنده رکندي ۽ ”سنڌ دوست“ فيصلا سياسي لاڀ لاءِ نه پر عوامي انصاف لاءِ ڪندي۔جيڪڏهن وڪيل برادري ٻيهر اتحاد ۽ اصولن جي بنياد تي اٿي بيٺي، ته سنڌ جي عدالتي تاريخ ۾ ٻيهر اهڙو باب لکجي سگهي ٿو، جيڪو ٻٻرلو ڌرڻي جي جذبن کي نئين سر زنده ڪري جتي قانون جي حڪمراني، نه سياست جي حاڪميت، فيصلو ڪندي۔