حيدرآباد: نائين اياز ميلي جي چوٿين ڏھاڙي تي خورشيد قائمخاني جي ڪتاب ”جپسي جا خط“ تي ويھڪ ٿي، جنھن جو ماڊريٽر نوجوان صحافي اشفاق لغاري ھو. ان موقعي تي سينيئر صحافي اسحاق مڱريو ڳالھائيندي چيو تھ خورشيد قائمخاني جديد دور جو اثر قبول نھ ڪيو، ھو پنھنجي مزاج جو ماڻھو ھو، ھن جون لکڻيون منفرد ھيون، خورشيد قائمخاني پھريون ماڻھو ھو، جنھن چيو ته حر تحريڪ غريب ھارين ۽ نارين جي تحريڪ ھئي، جن پنھنجي مدد پاڻ تحت بنا ڪنھن جي مدد جي وڙھي، حر ڪئمپن ۾ ماڻھن کي قيد ڪيو ويو، عورتن ۽ ٻارن کي بند ڪيو ويو، حر ڪئمپن ۾ قيد ماڻھن کي مزدوري بھ پاڻ ڪرڻ ھوندي ھئي، ڪئمپن ۾ وبائي بيماريون پکڙيون، جنھن سبب سوين ٻار مري ويا. ھن چيو تھ حر تحريڪ تي ھميشھ جيڪو نيريشن آيو آھي، اھو انگريزن جو آيو آھي. ڪھاڻيڪار امر لغاري چيو ته خورشيد پنھنجو پاڻ کي جپسي ليکڪ سڏي ٿو، خورشيد گھڻو وقت ادبي حوالي سان لاھور ۽ ٽنڊوالھيار ۾ رھيو آھي، ھن جي زندگي جون اسٽيشن ورھايل رھيون آھن. ھن چيو تھ رول پکين جيان خورشيد پنھنجي پاڻ کي جپسي سڏائڻ شروع ڪيو، خورشيد سيارو ٽنڊوالھيار ۾ گذاريندو ھو، سائبيريا مان ايندڙ پکي بھ سيارو اسان وٽ گذاريندا آھن، ھو اونھاري ۾ حيدرآباد کانپوءِ لاھور ۽ اسڪردو ھليو ويندو ھو، ھو رولاڪ ماڻھو ھو. ھن چيو تھ خورشيد دنيا جي جپسين سان لاڳاپو ھو، ھو اردو ادب کي سنڌي ۾ آڻڻ چاھيندو ھو.