ڪراچي ( م ڊ ) صوبائي اليڪشن ڪميشن عورتن ۽ اقليتن جي سيٽن تي پيپلز پارٽي جي ترجيحي اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ختم ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران پيپلز پارٽي جي ترجيحي اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي پيپلز پارٽيءَ جي ترجيحي اميدوارن جي لسٽ ۾ رميش لال، نويد عامر جيوا، رميش ڪمار واڪواڻي، لال چند اڪراڻي، عمران افيق، نصيب چند، جعفر جيارج، بصرو جي، ايڊون مسيح ۽ بياري لال شامل آهن. صوبائي اسيمبليءَ ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن لاءِ راڻا همير سنگهه، گيان چند اسراڻي، مڪيش چاولا، کٽو مل جيون کي ترجيحي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه نويد انٿوني، سادو مل سوريندر، مور لال، موهن لال ڪوهستاني، پونجو مل ڀيل ۽ راڪيش ڪيسواڻي صوبائي اسيمبلي جي اقليتي مخصوص سيٽ ڪيا ويا آهن سنڌ مان قومي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽن جي ترجيحي لسٽ ۾ شازيه مري، نفيسه شاهه، شگفته جماڻي، شاهده رحماني، سيد شهلا رضا، مهتاب اڪبر راشدي، مسرت رفيق مهيسر، ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو، ڊاڪٽر شازيه شامل آهن. ڊاڪٽر ثوبيا اسلم سومرو، ناز بلوچ، سحر ڪامران مدثر، شرميلا فاروقي، شازيه نظاماڻي شامل آهن. ان کان علاوه سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پيپلز پارٽي جي ترجيحي لسٽ ۾ عذرا پيچوهو، سيما خرم، تنزيلا ام حبيبه، ريحانه لغاري، بيبي ياسمين شاهه، نزهت پٺاڻ، ماروي راشدي، سعديه جاويد، فرزانه حنيف بلوچ، ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري، حنا دستگير، رخسانه شاهه، هير سوهو، ندا کوڙو، ڊاڪٽر غزنه خالد، صائمه آغا، روما صباحت مشتاق، عروبه رباني، خيرالنساءِ مغل، مليحه منظور، شازيه ڪريم شاهه، علي، سميتا افضل سيد، روبينا قائم خاني، غزالا سيال، ڪلثوم اختر چانڊيو، شمع عارف مٺاڻي ۽ شبانه خان شامل آهن.