حيدرآباد: اياز ميلي ۾ اياز جا ڏيڍ سٽا تي ويھڪ ٿي، جنھن ۾ اديب تاج جويو ڳالھائيندي چيو تھ شيخ اياز شاعري ۾ جيڪي بھ تجربا ڪيا اهي ڪامياب ويا، اياز ڏيڍ سٽن ۾ پنهنجي عشق، محبتن ۽ دوستن کان مخاطب ٿئي ٿو. مختيار ملڪ چيو ته شيخ اياز جي سموري شاعري پنهنجي همعصر شاعرن کان مختلف رهيي آهي، ڏيڍ سٽا هن جي پنهنجي ايجاد آهن. سائل پيرزادو چيو تھ شيخ اياز وٽ اظهار جو درياهه ڇوليون هڻندو هو، شيخ اياز حسن پرست ماڻهو هو، اياز جي زندگي ۾ کوڙ محبائون هيون، انهن جو قرض لاهڻ جي لاءِ شيخ اياز ڏيڍ سٽن ۾ ڪوشش ڪئي آهي، عام طور تي ماڻهو محبوبائن جا قرض ناهي لاهي سگهندو. علي زاهد چيو ته شيخ اياز ڏيڍ سٽي جي صورت ۾ نئين صنف تخليق ڪري ڏني، ان صنف تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.