پاڻي کوٽ سبب ڊيلٽا کي سمنڊ ڳڙڪائي پيو، سنڌو مري رهيو آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ انجنيئر ۽ ليکڪ انجنيئر اوڀايو خشڪ جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”پاڪستان ۾ پاڻيءَ تي سياست“ جي موضوع تي  سيشن ٿيو، جنھن جو ماڊريٽر پاڻي ماھر ناصر پنھور ھو. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ انجنيئر ۽ ليکڪ انجنيئر اوڀايو خشڪ سيشن ۾ ڳالھائيندي چيو تھ اڳ درياھھ ۾ پاڻي وارا جھاز ھلندا ھئا پر ھن وقت ٻيڙيون بھ مشڪل سان ھلن ٿيون،  1859ع کان پاڻي تي سياست شروع ڪئي وئي، انگريزن 1886ع ۾ پنھنجي مفادن لاءِ ڪئنال ڪالونيون قائم ڪيون، ھنن 9 ڪئنال ڪالونيون ٺاھيون، چوڌري پيدا ڪيا، اھي ٿيندڙ فصل پنھنجي علائقن ڏانھن کڻي پئي ويا، 1901ع ۾ ايريگيشن ڊسچارج ڪميٽي ٺھي، جنھن جي نتيجي ۾ سکر بئراج ٺھيو، پنجاب پنھنجا درياھھ وڪرو ڪري سنڌو درياھھ تي لھي آيو، سنڌوءَ تي سي جي ۽ تونسا سميت ٻيا ڪئنال ٺاھيا ويا، ارسا ڪي پي ۽ بلوچستان کي پاڻي کوٽ کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آھي، جنھن سبب پاڻي کوٽ صرف پنجاب ۽ سنڌ جي حصي ۾ وڃي رھي آھي پر پنجاب منڍ ۾ ھئڻ ڪري پاڻي پنھنجي مرضي تي کڻي رھيو آھي پر سنڌ سڄي ملڪ جي پاڻي کوٽ کي منھن ڏئي رھيو آھي. ھن چيو تھ پاڻي کوٽ سبب سنڌ جو ڊيلٽا سمنڊ جي ور چڙھي رھيو آھي، سنڌو درياھھ مري رھيو آھي، ماڻھو تعجب ڪندا تھ ڇا درياھھ مرندا آھن پر آئون چوان ٿو تھ درياھھ مرندا آھن، درياھھ جي ڇوڙ واري علائقي سان ميلاپ نھ ٿيڻ ان جو موت ھوندو آھي. ھن چيو تھ انڊس ڊيلٽا جي حالت خراب آھي، جيڪو دنيا جون پنجون وڏو ڊيلٽا ھو، جنھن جو وڏو حصو ڊيلٽا کائي ويو آھي، ڊيلٽا کي بچائڻ پنھنجي وجود کي بچائڻ برابر آھي، ڊيلٽا ۾ پاڻي نھ آيو تھ سجاول، ٺٽو ۽ بدين سمنڊ جي ور چڙھي ويندا، سمنڊ شھرن طرف وڌي رھيو آھي. پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو تھ دنيا ۾ 2 سئو 67 درياھھ ۽ 3 سئو آبي ذخيرا موجود آھن، 3 سئو معاھدا ٿيل آھن، پنجاب سنڌ سان ھميشھ پاڻي مسئلي تي زيادتي ڪئي آھي، درياھھ تي پھريون حق اسان جو آھي پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي، پاڻي کوٽ سبب سنڌ جا درياھھ ختم ٿي ويا، ھاڪرو ۽ پراڻ وھندا ھئا، 32 لک ايڪڙ زمين ڊيلٽا پائي ويو آھي، ان زمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو پيو وڃي، پاڻي کي رستو نھ ملڻ جي نتيجي ٻوڏ جا خطرا سامھون اچي ويا آھن. ھن چيو تھ اسان وٽ ڊرينيج نظام نھ ھئڻ ڪري برساتن جي نتيجي ۾ لاڙ پٽ جا ڪيترائي علائقا متاثر ٿين ٿا، پاڻي جي کوٽ ۽ ڊرينيج نھ ھئڻ سبب سڄي ڊيلٽا متاثر ٿي آھي، جنھن سبب بيروزگاري ۽ غربت ۾ اضافو ٿي ويو آھي، ماھيگيري ختم ٿي وئي آھي، ماڻھن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. ھن چيو تھ دنيا جون تھذيبون پاڻي تي رھيون آھن، پاڻي تي جھيڙا  بھ رھيا آھن، سنڌ ۾ ھن وقت ٽيل ۾ پاڻي جي کوٽ آھي، جنھن سبب بيروزگاري ۾ اضافي سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي، غذائي کوٽ بھ وڏو چئلينج بڻجي ويو آھي، پاڻيءَ تي ڪيترائي اھڙا پراجيڪٽ آيا آھن پر اھي بھ ڪو خاص لاڀ ناھن ڏئي سگھيا. ھن چيو تھ ملڪ جي بيوروڪريٽ جو مائينڊ سيٽ آھي تھ جيڪڏھن انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏيو ويو تھ 29 بلين ڊالر جو نقصان ٿيندو، اھو ھڪ مائينڊ سيٽ آھي، جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ انھن کي ٻڌائڻو پوندو تھ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نھ ڇڏيو ويو تھ سنڌ تباھھ ٿين ويندي. ھن چيو تھ انڊس ڊيلٽا تي اسان جو پھريون حق آھي، پر ملڪ جا سياستدان ۽ بيوروڪريٽ ان ڳالھ کي سمجھڻ لاءِ تيار ناھن. ليکڪ اسلم خواجھ چيو تھ وڏو الميو اھو آھي تھ اسان پاڻي جي مسئلي کي انساني حقن جي ڀڄڪڙي طور مڃائي ئي نھ سگھيا آھيون، پاڻي نھ ايندو تھ زراعت تباھھ ٿي ويندي، صرف سنڌي ۾ ڪتاب لکجن ٿا، اسان پنھنجو دائرو وڌايون نٿا، ڪراچيءَ ۾ رھندي مون کي ائين محسوس نٿو ٿئي تھ آئون سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو متاثر آھيان، گذريل 12 سالن کان آئون اتي پاڻي خريد ڪريان ٿو، سنڌو درياھھ ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڪراچي ۾ گڏ ڇو نٿو ٿي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.