مراد سعيد، حماد اظهر ۽ لطيف کوسي جا نامزدگي ڪاغذ جمع

پشاور ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد جي 2 تڪن تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. مراد سعيد جي سوات ۾  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 3 ۽ اين اي 4 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جي وڪيلن سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر ۽ لطيف کوسو جا ٻن تڪن تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 129 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 171 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 تان سردار لطيف کوسو پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. لطيف کوسو جا اين اي 122 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.