لياقت جتوئي، فياض ٻٽ ۽ صداقت جتوئي پاران نامزدگي ڪاغذ جمع

ميھڙ (رپورٽ : فراز چنا ) سڄي سنڌ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. ميهڙ  جي پي ايس 81 تي ٻن  عورت اميدوار سميت 26 اميدوارن پنھنجا فارم جمع ڪرايا آهن  پي ايس 81 تي جمع ٿيل فارمن ۾ جي ڊي اي پاران اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي، اڳوڻي سينٽر صداقت جتوئي،  پ پ پاران اڳوڻي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ، امتياز پاشا ٻٽ، اڳوڻي ايم اين اي مسرت رفيق مھيسر سندس ڀاءُ محمود مھيسر، اڳوڻي ضلعي چيئرمين اشرف سولنگي، اڳوڻي ايم اين ڊاڪٽر طلعت مھيسر، طفيل مھيسر، عبدالوحيد مھيسر، ياسين نبي بخش جتوئي، ايس يو پي پاران سڪندر سوڍر، مدد سوڍر  پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. جماعت اسلامي پاران عبدالله ڏيرو ، جميعت علماءِ اسلام پاران مولانا مسعود پنھور ، ايم ڪيو ايم پاران طالب حسين پنھور ، محمد خان کوسو، اسلم چانڊيو، جميعت علماءِ پاڪستان پاران  ياسين اشرفي پ پ شھيد ڀٽو  پاران ذوالفقار علي، نواز ليگ پاران اسماعيل سيال، شيعه اڳواڻ احسان علي، مسمات  پروين، عباس علي، عبدالمجيد  ۽ ٻين فارم جمع ڪرايا آهن. جڏھن ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 227 تي جي ڊي اي پاران لياقت علي جتوئي، ڪريم علي جتوئي ، پ پ پاران اڳوڻي ايم اين اي  عمران ظفر لغاري، عرفان ظفر لغاري، اڳوڻي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ ۽ ٻين پنھنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آھن. ميھڙ ۾ پ پ پاران درخواستون جمع ڪرائيندڙن ھڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي تڪن تي فارم جمع ڪرايا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.