مانجهند (رپورٽ : بابو عمراڻي ) مانجهند ۾ جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو جي چاليهي جو جلسو جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيءَ جي صدارت ھيٺ ٿيو، ان موقعي تي صنعان خان خطاب ڪندي چيو ته مُرڪ جان واقعي کي 40 ڏينهن گذري ويا آھن پر ايس ايس پي حيدرآباد مُرڪ واقعي واري ڪيس ۾ ڪابه سنجيده اڳڀرائي ناهي ڪري سگهيو، جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ به حيدرآباد پوليس واقعي جي ذميوارن تائين نه پهچي سگهي آھي، صنعان خان قريشي ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته مرڪ جان پيرزادو سان جيڪا به ناجائزي ٿي آھي ان کي وائکو ڪري وارثن ۽ جسقم ڪارڪنن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جسقم سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ خطاب ڪندي چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد مانجهند پهچي وارثن سان تعزيت بعد چيو ته هن خطي ۾ رواج ئي ناهي ته پوليس ڪنهن مظلوم سان انصاف ڪري يا واقعي تي چِٽو موقف رکي، پوليس هن ڪيس ۾ مڪمل طور تي ڪوتاهي ۽ غير ذميواري ڪري رهي آھي، هن خدشو ڏيکاريندي چيو ته حيدرآباد پوليس ڪٿي ميڊيڪل رپورٽون خردبرد نه ڪري، جلسي کي ايس يو پي نائب صدر سيد منير حيدر شاھ خطاب ڪندي چيو ته اسان جيسين تائين سَماج اندر عورت کي مرد جيتري برابري نه ڏينداسين تيسين تائين اهڙا واقعا نه رڪجي سگهندا، مرڪ جان پيرزادو جي والد پير جان محمد چيو ته پوليس ڪابه جاچ ناهي ڪئي، اسان پاڻ ثبوت حيدرآباد پوليس کي ڏنا آھن.