پنوعاقل (رپورٽ : رستم انڍڙ) پنوعاقل جي علائقي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، ميونسپل انتظاميا رولو ڪتن تي ضابطو نه آڻي سگھي، رولو ڪتن ڳوٺ ھنڱورو ۾معصوم نينگري خديجا ٻرڙو ۽ نينگر حماد الله سومرو کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، ٻارڙن کي ڇڏائڻ لاءِ پھتل پيرسن حضور بخش سومري کي به ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، ٽنھي ڪتي جي چڪيل مريضنِ کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪرڻ بعد سکر ريفر ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته رولو ڪتن نينگر حماد الله سومرو جي منھن کي اڌ پاسي کان ڏاڙھي سخت زخمي ڪيو آهي.