مٺي(رپورٽ:غازي بجير)پ پ ٿر جي ٽن اڳواڻن آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم آر اوز وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا،پي ايس ڏيپلو تي عورت اڳواڻ فارم رکي ڇڏيو،اين اي 215 مٺي_ڏيپلو جي قومي تڪ تي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي تعلقي صدر ۽ پيپلز لائرز فورم جي ضلعي صدر وڪيل ميئن بجير پيپلزپارٽي توڙي مخالف گروپن سان چونڊ وڙهڻ لاءِ آزاد اميدوار طور فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي،پي ايس 55 ڏيپلو جي صوبائي تڪ تي پيپلزپارٽي جي باغي اڳواڻ محمد خان لنڊ به آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو،جڏهن ته پي ايس 54 اسلام ڪوٽ واري صوبائي تڪ تي پ پ اڳواڻ پروفيسر ساگر سميجو ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر کٽومل جي پُٽ راهول جيوڻ به نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي،ٻي پاسي پي ايس 55 ڏيپلو تي عوامي تحريڪ جي اوڀايو جوڻيجو،ميمڻ برادري جي شريف مٺواڻي ۽ ٻين نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن،هوڏانهن ٻي پاسي ڏيپلي واري صوبائي تڪ تي عورت اڳواڻ قيصر سيجواڻي ميگهواڙ به اميدوار طور فارم جمع ڪرائي ڇڏيو،جنهن اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي،پ پ جي باغي اڳواڻ محمد خان لُنڊ چيو آهي ته منهنجو پيپلزپارٽي سان ڪوبه تعلق ناهي،آئون آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس،