ميهڙ ويجهو هٿياربندن جي ڪاهه، هڪ ڪلاڪ تائين ڦرلٽ

ميھڙ ( رپورٽ : فراز چنا ) فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ 9 کان وڌيڪ ھٿياربندن فريدآباد ميھڙ روڊ جاڙا واھ بلاڪ ڪري شاهه گودڙيو جي زيارت ڪري  واپس ويندڙ زائرين جي 4 ٽريڪٽرن، 2 شھزورگاڏين، ڪار ڊرائيورن سميت 10 کان وڌيڪ گاڏين مان لکين روپيا روڪ، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪلون ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هٿياربند جي ڪارروائي  ھڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، ھٿياربندن ميھڙ کان ايندڙ فريدآباد واسي ڪار ڊرائيور پپو ڏيرو، ٺيڪيدار نصيب الله چانڊيو سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن کان ڦرلٽ ڪئي جڏهن ته ايس ايڇ او فريدآباد فرمان ابڙو کان به ڦر ٿيڻ جا اطلاع آهن. ذريعن موجب فريدآباد پوليس پھچڻ ڏوهارين سان فائرنگ ٿي، ھٿياربندن فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.