مونس الاهي پي ٽي آءِ جي ووٽن لاءِ خاندان ڪي عزت خراب نه ڪري: چوڌري سالڪ

گجرات(م ڊ) مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي سندس والده جي نامزدگي  ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي وڊيو شيئر ڪرڻ تي مونس الاهي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي ووٽن لاءِ خاندان جي عزت خراب نه ڪئي وڃي. هن چيو ته مائرون ۽ ڀينرون هر ڪنهن جون ڀينرون آهن، چوڌري پرويز الاهي جي گهرواري جي نڪاح جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ واري وڊيو دل ڏکائيندڙ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ووٽن لاءِ مونس الاهي جي خاندان جي عزت خراب نه ڪريو، عوام سچ ڄاڻي ٿو. هن گجرات ۾ اباڻي گهر جا تالا کولڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ اوهان کي صبر عطا فرمائي ۽ چوڌري پرويز الاهي جون مشڪلاتون گهٽايون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.