ڪراچي( رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ 2013ع جي کٽيل سيٽون واپس وٺندا. خواجا الحسن ڪراچي جي 4 تڪن تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اميدوارن کي ڊگهي انٽرويو کانپوءِ اڳتي آندو ويو آهي. 2013ع جي اليڪشن ۾ کٽيل سيٽون واپس وٺنداسين. هن چيو ته ڪنهن به صوبي ۾ 18هين ترميم کانپوءِ علائقائي مسئلا ظاهر ڪن ٿا ته ترميم ڊرامو آهي.