لاهور (م ڊ ) پنجاب ۾ اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ کسڻ ۽ پوليس جي مداخلت تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر آءِ پنجاب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته ريٽرننگ آفيسرن جي ڪم ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ ڏيڻي آهي.صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ اميدوارن جو حق آهي پوليس ڪنهن به اميدوار کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان روڪيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته شفاف چونڊن ۾ ڪنهن قسم جي به رڪاوٽ کي برداشت نه ڪنداسين.