اسلام آباد (م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيئر سياستدان محمد علي دراني چيو آهي ته 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن 1977ع جي بدنام اليڪشن جي ياد ڏياري ڇڏي آهي. هن چيو ته چونڊ نشان، نامزدگي ڪاغذ ڦرڻ، چونڊ سرگرمين جو حق ۽ اظهار راءِ کسڻ اليڪشن نه پر سليڪشن آهي. جمهوريت خلاف اها جنگ سڀني جي شڪست بڻجي ويندي. جيڪڏهن 2024ع ۾ 1977 وارو فارمولو استعمال ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ، جمهوريت، عوام ۽ ادارا 1977ع جي حالتن جو شڪار ٿي ويندا، جنهن ۾ ملڪ، عوام، جمهوريت ۽ ادارن جو نقصان آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته انتظاميا نواز شريف جي پڪڙ ۾ آهي، جنهن ڪري عوام ۾ پريشاني وڌي رهي آهي. هن چيو ته ماضيءَ جي بدنام ججن وانگر سول سروس به داغ نه هٽائي سگهندي. هن چيو ته ميان نواز شريف ووٽ کي بي عزت ڪري ڪڏهن به عزت حاصل نه ٿو ڪري سگهي. 1977 جهيڙين چونڊن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان محمد نواز شريف ۽ سندس پارٽيءَ کي ٿيندو.