نارووال ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته هو سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ اتحادين ۽ هم خيال گروپن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اتحادين ۽ مناسب اميدوارن سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي ويندي. احسن اقبال قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 76 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ان موقعي تي نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ لاڏلن جا چرچا آهن، هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن جو لاڏلو آهي، نواز شريف پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو لاڏلو آهي.