بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جو چونڊ ميدان ڇڏي ڏنو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جو چونڊ ميدان ڇڏي ڏنو، هن ڪراچي جي ڪنهن به سيٽ تان نامزدگي ڪاغذ نه جمع ڪرايا.
آصفه ڀٽو زرداري به ڪنهن سيٽ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا، بلاول ڀٽو زرداري 2018 ۾ لياري مان چونڊ ميدان ۾ لٿو هو، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪراچي جي جيالن جي علائقي لياري مان قومي اسيمبلي جي سيٽ به ڀٽوز جي نالي سان ڄاتي ويندي آهي.
1998 ۾ بينظير ڀٽو لياري مان چونڊ وڙهي، آصف زرداري 1993 ۾ لياري مان چونڊ وڙهي چڪو آهي، جڏهن ته پ پ باني ذوالفقار علي ڀٽو به لياري جي سيٽ تي عام چونڊن ۾ حصو ورتو هو.
واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ عام چونڊن لاءِ لاڙڪاڻي، لاهور ۽ قمبر – شهدادڪوٽ مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، هن اين اي 127، اين اي 194 ۽ اين اي 196 مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.