اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز ميمڻ کي هٽايو ويو.
اليڪشن ڪميشن آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد خلاف سياسي جماعتن جي شڪايتن تي ٻنهي کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو پر ٻنهي کي واضح حڪمن باوجود عهدن تان نه هٽائڻ تي اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري کي 26 ڊسمبر تي طلب ڪيو هو.
هاڻ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي سيڪريٽري خرم آغا طرفان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد جي جاءِ تي مقرري لاءِ چئنل آف آفيسرز تجويز ڪري.
You might also like