نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ وفاق جون 17 وڏيون وزارتون بند ڪري 300 ارب رپيا عوام تي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نوابشاهه جي بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فرٽيلائيزر، توانائي ۽ ٻين سيڪٽرن کي ڏني ويندڙ 1500 ارب رپين جي سبسڊي مزدورن ۽ هارين کي سڌي ريت ڏينداسين.
هن چيو ته اقتدار ۾ اچي هاري، مزدور، نوجوان ڪارڊ ۽ غريبن کي 300 يونٽن تائين مفت بجلي ڏينداسين، سولر ۽ ونڊ پاور منصوبا لڳائي پنهنجي بجلي پاڻ پيدا ڪنداسين، واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ضرورت نه پوندي.
سندس چوڻ هو ايندڙ حڪومت کي واعدو ڪرڻو پوندو ته 5 سالن اندر پگهارون ٻيڻيون ڪندي، پراڻا سياستدان ملڪ جو ماضي آهن، توهان مستقبل آهيو، اسان گڏجي محنت ڪنداسين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهنداسين.
ا
بلاول جو اقتدار ۾ اچي 17 وفاقي وزارتون بند ڪرڻ ۽ 300 يونٽن تائين بجلي مفت ڏيڻ جو اعلان
You might also like